تلهار (ن پ ا) تلهار  لڳ  ڳوٺ ڪوهر جمالي جي رهواسي سفيع الله جمالي تي بااثرن مبينا اغوا ڪري تشدد ڪيو ويو،  متاثر تلهار ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي بااٽر وڏيري خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي جنهن تي متاثر سراپا احتجاج بڻجي ويو. ان ڏس ۾  سفيع الله جمالي ميڊيا کي ٻڌايو ته  مير لکي جمالي  اخلاق جمالي  ۽ ٻين چار ڄڻن مونکي مبينا اغوا ڪري سخت تشدد جو نشاڻو بڻائيندي چيو ته تون اليڪشن ۾ اسان جي ڀا۽ جي  سامهون  فارم ڇو ڀرايو هن ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاھ ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ کان مطالبو ڪندي چيو ته مون تي تشدد ڪنڌڙن بااثر وڏيرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.