تلهار (ن پ ا) تلهار ويجهو ميان پوٽا اسٽاپ وٽ مين حيدرآباد بدين هائي وي  تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ شريمتي جمنا ڪولهي، ڪيول ڪولهي ۽ آسن ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تلهار پوليس موبائل ذريعي رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو آهي جتي کين طبي امداد ڏني وئي وڃي جڏهن ته ٽنهي زخمين م آسن ۽ جمنا کي  حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جن مان آسن  ٽنڊوغلام حيدر وٽ فوت ٿي ويو آهي.