تلهار(ن پ ا) تلهار لڳ سيفل موري وٽ اڪرم واھ مان لاش هٿ آيو آھي. لاش جو اطلاع تلهار پوليس کي ڏنو ويو. تلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو، جتي فوتي جي سڃاڻپ صاحب ڏنو ميتلو جي نالي سان ٿي آهي، سندس پٽ ٻڌايو ته منهنجي والد جو دماغي توازن درست نه هو،پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.