تلهار/ پيرولاشاري (نمائندن وٽان) 6 مهينا اڳ ڪڍڻ جي يوسي مٺي 3 جي رهواسي غلام رحيم نوتيار پنهنجي برادري جي ناري نوران سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد جوڙي هاءِ ڪورٽ ۾ رجسٽر نڪاح لاءِ درخواست پڻ ڏني هئي، جنهن تي ڪورٽ ناري جي عمر ننڍي هجڻ جو سبب ڄاڻائي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي جوڙي ٻيهر سيشن ڪورٽ بدين ۾ درخواست جمع ڪرائي، ان حوالي سان نوجوان ناري جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ ٽنڊو باگو نادرا سينٽر وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هٿياربندن ميبنا طور ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فائرنگ پڻ ٿي ۽ ميبنا طور گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو ابراهيم ملاح موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، نوجوان جي مزاحمت تي جوابدار ساٿي کي کڻي گاڏي ۾ فرار ٿي ويا، جڏهن ته پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي ڀر واري ڳوٺ ۾ پهچي پناهه ورتي، اطلاع تي پوليس پهچي جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، هوڏانهن ايس ايڇ او تلهار ڌڻي بخش مري ٻڌايو ته واقعي بعد مقتول جو ڀاءُ محمد رحيم مارجي ويل ابراهيم ملاح جو لاش اسپتال کڻائي پهتو، جنهن ڪيس داخل ڪرايو آهي ته پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان غلام رحيم نوتيار منهنجي ڀاءُ ابراهيم ملاح کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آھي، پوليس موجب جوابدار ٿاڻي تي آهي، مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻي طرف جوابدار ڄاڻايل غلام رحيم ٻڌايو ته آئون پنهنجي گهر واري سان گڏ ٽنڊي باگي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ هٿياربندن مون تي تشدد ڪري منهنجي گهر واري کي زبردستي اغوا ڪري گاڏي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مون مزاحمت ڪئي ۽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گولي لڳڻ سبب ابراهيم ملاح قتل ٿي ويو، جنهن کي ساٿي گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا، هن چيو ته اسان وٽ ڪوبه هٿيار نه هو، مائٽن هٿياربند موڪلي زال کي اغوا ڪرڻ چاهيون، اسان بيگناهه آهيون، انصاف ڪيو وڃي.