لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ 1947ع کان هيل تائين توشا خانه مان ورتل تحفن بابت داخل درخواست تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس عاصم حفيظ مقامي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جڏهن سڀئي شيون پبلڪ ٿي ويون آهن ته پوءِ ڇو لڪائي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن توشا خانه جا تفصيل نٿا ڏئي سگهو ته اُن جا سبب ٻڌايا وڃن، عدالت تفصيل جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.