تـُو زنده رهي گي بينظير: اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي لاڏاڻي جي خبر اچڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري مختصر ٽويٽ ڪيو آهي

ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي

 بلاول پنهنجي ٽويٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جون 4 تصويرون به شيئر ڪري ڇڏيون ۽ لکيو ته  تـُو زنده رهي گي بينظير

بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ اڳوڻو صدر پرويز مشرف شديد تنقيد جي زد ۾ر هيو، مٿس سنگين الزام به لڳندا رهيا