ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ 2 سالن دوران عورت ملازمن کي هراسان ڪرڻ جون صوبائي محتسب وٽ 104 شڪايتون پهچڻ جو انڪشاف، عورتن بابت قائم  ٿيل صوبائي محتسب پاران چيف سيڪريٽري وٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي،  ان حوالي سان صوبائي محتسب رٽائرڊ شاهنواز طارق ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سان ملاقات ڪري ملازمت واري هنڌن تي عورتن کي هراسان ڪرڻ واري واقعن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اداري کي سال 2020ع  ۾ هراسان ڪرڻ جون 48 درخواستون حاصل ٿيون، جن مان 24 تي فيصلو ٻڌايو ويو. 2021 ۾ هراسان  ڪرڻ جون 56 درخواستون مليون، جن مان 34 تي فيصلو ٻڌايو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هراسان ڪرڻ جون  سڀ کان وڌيڪ يعني 31 شڪايتون تعليم کاتي مان آيون ، جڏهن  ته صحت کاتي مان 17 درخواستون مليون، صوبائي محتسب جسٽس رٽائرڊ شاهنواز طارق ٻڌايو ته اداري جون  ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت صوبائي محتسب کي هدايت ڪندي چيو ته نوڪري جي جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جي حوالي سان عوام خاص طور تي عورتن کي آگاهي جي ضرورت آهي.