دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) تعليم کاتي دادو ۾ بيقائدگين جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهه ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن جي نالن تي آفر آڊر جاري ڪري سندن فٽنيس سرٽيفڪيٽ پيش ڪري پوسٽنگ آڊر به جاري ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار کي مليل دستاويزي ثبوتن تحت اٽلي ۾ موجود جوهي واسي رند نادر علي جو ڊائريڪٽر حيدرآباد جي صحيح سان پي ايس ٽي جو آفر آڊر ڏنو ويو جنهن جي بنياد تي اٽلي ۾ موجود نادر علي رد جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کانپوء ٽي اي او جوهي پاران اٽلي ۾ موجود نوجوان کي ڳوٺ بخش علي رند جو پوسٽنگ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسڪول ۾ جوائنگ به ڪرائي وئي آهي ، اهڙي طرح فئبروري 2022 ۾ سعودي عرب ويزا تي ويل عبدالوحيد پٽ غلام مصطفي ملڪ جو پڻ ڊائريڪٽر حيدرآباد جي صحيح سان آفر آڊر جاري ڪرڻ کانپوء سندس فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪري کيس دادو ۾ پوسٽنگ آڊر ڏنو ويو آهي ، اٽلي ۾ موجود نادر علي رند جي اهڙي آڊر خلاف جوهي واسي نوجوان فاروق احمد سنڌ هاء ڪورٽ ۾ ڊائريڪٽر حيدرآباد ، ڊي اي او دادو ، ٽي اي او جوهي خلاف اهڙي پٽيشن به داخل ڪري ورتي آهي