تعليم کاتي جا 15 اڳوڻا ڪامورا گاڏين تي قابض

0
398

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ ڪامورن کانپوءِ سرڪاري گاڏين جو به بحران، اڳوڻي سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين، ڊائريڪٽرن ۽ سيڪشن آفيسرن سميت 11هين گريڊ جي جونيئر ڪلارڪ ڪروڙن جي ماليت جون سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون ! تعليم کاتي پاران جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي ٻيو ڀيرو خط لکي ڪامورن کان گاڏيون واپس ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي. چيف سيڪريٽري جي هدايت تي رڳو 21 هين گريڊ جي صوبائي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز عمل ڪندي گاڏي واپس ڪئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي ۾ مستقل سيڪريٽري مقرر نه هجڻ سبب کاتي ۾ ڪامورن کانپوءِ سرڪاري گاڏين جو به بحران پيدا ٿي ويو آهي. تعليم کاتي جي اختيارين پاران جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي شڪايت ڪئي وئي آهي ته سندن خط تي عمل ناهي ٿيو ، کاتي جي 15 اڳوڻن ڪامورن ۽ ملازمن ڪروڙين رپين جو گاڏيون واپس ناهن ڪيون. تعليم کاتي وڌيڪ لکيو آهي ته اوهان جي اڳ لکيل خط باوجود رڳو تعليم واري اڳوڻي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز گاڏي واپس ڪئي آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته اڳوڻي صوبائي وزير جو پي ايس حليم سومرو (ٽيوٽا ڪرولا)، آر ايس يو جو اڳوڻو پروٽوڪول آفيسر غفار سومرو (ڪلٽس)، اڳوڻي صوبائي وزير جو تڏهوڪو پي ايس طارق شيخ (ٽويوٽا ڪرولا)، اڳوڻي صوبائي وزير جو اسٽاف آفيسر خادم لغاري (ڪلٽس)، اڳوڻو سيڪريٽري تعليم ۽ هاڻوڪو ڪوآپريٽو کاتي جو سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي(ڪلٽس)، اڳوڻو سيڪريٽري عزيز عقيلي (ٽيوٽا ڪرولا)، اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري فاطمه بشير (ٽويوٽا ڪورولا)، ڪراچي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر (پرائمري) لبنيٰ صلاح الدين (ٽيوٽا ڪرولا)، ڊپٽي سيڪريٽري الطاف ساريو (ڪلٽس)، اڳوڻي اسپيشل سيڪريٽري رفيعه حليم ( ٽويوٽا ڪرولا)، اڳوڻو سيڪشن آفيسر سجاد مهر (سوزوڪي ڪلٽس)، اڳوڻي وزير نثار کهڙو جو پي آر او اعجاز جوڻيجو (ٽويوٽا ڪرولا)، اڳوڻو سيڪشن آفيسر اقبال کوکر (ڪلٽس)، اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري شبانه ڪوثر (ٽويوٽا ڪرولا) ۽ 11هين گريڊ جو جونيئر ڪلارڪ ظهور چنا ڪلٽس گاڏي واپس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، تعليم کاتي جي اختيارين جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي ٻيهر سفارش ڪئي آهي ته ڄاڻايل ڪامورن ۽ ملازمن کان سرڪاري گاڏيون واپس ڪرايون وڃن.