ڪوئيٽا: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جو دورو ڪيو،  جتي هن متاثر علائقن جو جائزو ورتو ۽ متاثرن جي  سهائتا لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون. ان موقعي تي هڪ نينگر وزيراعظم سان ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پنهنجا خدشا بيان ڪيا، وزيراعظم به سندس ڳالهيون غور سان ٻڌيون، ان موقعي تي نينگر چيو ته هتي تعليم ناهي، منهنجي خواهش آهي ته آئون اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪري سگهان پر هتي تعليم جو وڏو مسئلو آهي، هتي ڪجهه به ناهي، سرڪاري اسڪولن ۾ استاد اچن ئي نٿا. وزيراعظم سوال ڪيو ته اوهان جيڪا ٿوري تعليم حاصل ڪئي آهي اها ڪٿي پرائي؟ جنهن تي نيگر جواب ڏيندي چيو ته سر مون گهر ۾ ٽيوشن وٺي پڙهيو آهيان، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڏيندي چيو ته هن ٻار کي مفت تعليم ڏني وڃي، جتي هي چوي اتي کيس داخلا وٺي ڏني وڃي.