تعليم جي سڌاري جون سکڻيون ڳالهيون

0
216
تعليم جي سڌاري جون سکڻيون ڳالهيون

“پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جو سلوگن تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم ڏنو ۽ ان حوالي سان عمل جي شروعات ٿي. سڀ کان وڏو ڪم آئي بي اي جي معرفت سان استادن جي نج ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي آهي، جنهن سان ڪافي حد تائين استادن جي کوٽ ختم ٿي وئي آهي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ وري سکڻ سيکارڻ جي عمل کي بحال ٿيندو ڏسي رهيا آهيون.

سنڌ ۾ بهتر تعليم نه هجڻ بابت بحث عام و خاص جو مرڪز رهيو آهي. ان جا سبب ته ڪيترائي رهيا آهن. ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ ملڪي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ پروفيشنل ۽ پڙهيل لکيل افرادي قوت جي ضرورت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ملڪ جي حڪومتن جو گهڻو زور ۽ توجھ تعليم تي هوندي آهي. اسان جي سنڌ صوبو تعليمي حوالي سان ڪجھ ڪمزور رهيو آهي. پر صفا حالت خراب به ناهي. مختلف شعبن ۾ انتهائي قابل نوجوان اڳيان اچن پيا. ان ڪري ئي صورتحال اميد افزا آهي.

سنڌ جي آبادي جو ٻهراڙي ۾ رهندڙ وڏو حصو غريب هاري ۽ مزدور طبقو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي اولاد لاءِ بهتر تعليم چاهي ٿو. سندن اها خواهش آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي بهتر ٿئي ته جيئن سندن اولاد کي بهتر تعليم ملي سگهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته سنڌ سرڪار, سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتي جي عمل مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اسڪولن جي باقي مسئلن کي به حل ڪري.

انتظامي مسئلا:

سڀ کان پهرين جنهن شيءَ جي اشد ضرورت آهي، اهو آهي انتظامي لحاظ کان اسڪول ۾ بهتري آڻڻ. جيستائين ڪنهن به اداري جو منتظم صحيح نه هوندو، اوستائين ڪهڙو به ادارو هجي، اهو ترقي نه ڪري سگهندو. جنهن ۾ اهم جز هڪ طرف سياسي مداخلت آهي ته ٻي طرف ادارن ۾ ڪرپشن پڻ آهي. سنڌ ۾ تعليم کاتي کي انتظامي طور ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون اسڪولي تعليم، ٻيو ڪاليج جي تعليم ۽  ٽيون اعلى تعليم، جيڪا يونيورسٽين ۾ ملي ٿي. اسان اڄ صرف اسڪولي تعليم، جنهنکي پڻ ٻن حصن يعني پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ورهايو ويو آهي، ان تي بحث ڪنداسين. تعليم کاتي جي هن سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي. کاتي ۾ سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي. سٺن ۽ ٽيلينٽيد آفيسرن کي اڳيان آڻي انهن کي انتظامي عهدن تي مقرر ڪيو وڃي. انهن کي ئي تعليم جي بهتري جو ٽارگيٽ ڏيئي، کانئن ڪم ورتو وڃي. اهڙي طرح ڪافي بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي. آفيسرن کي با اختيار بڻائي کين روزاني جي بنياد تي اسڪولن کي وزٽ ڪرڻ ۽ اهڙي رپورٽ اعلى اختيارين تائين موڪلڻ جو پابند بڻايو وڃي.

اسڪول جي هيڊ ماسٽر يا پرنسيپل جو ڪردار:

اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي ٽريننگ ڏئي منجهن ليڊرشپ جون صلاحيتون اجاگر ڪيون وڃن. نپولين بوناپارٽ جو قول آهي ته “جيڪڏهن شينهن جي فوج هجي ۽ انجي سپهه سالار هڪ رڍ هجي ۽ ٻي طرف رڍن جي فوج هجي ۽ انجو سپهه سالار ڪو شينهن هجي ته اهائي فوج فتح حاصل ڪندي، جنهن جو ليڊر شينهن هوندو.”

ساڳي طرح سان هڪ منتظم ۾ قائدانه صلاحيتون هجڻ ضروري آهن. ان کان پوءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي اختيارات ڏئي کين انهي ڳالھ جو پابند ڪيو وڃي، ته اهو پنهنجي اسڪول ۾ “اسڪيم آف اسٽڊيز” موجب پڙهائي ڪرائي ۽ ڪورس کي وقت سر مڪمل ڪرائڻ سان گڏوگڏ شاگردن کان ٽيسٽون به ورتيون وڃن. استادن کي به پابند بڻايو وڃي ته اهي سڄي سال جي پلاننگ ڪري، ليسن پلان ٺاهن ۽ ڊيلي ڊائري لکن ته جيئن انتظاميه کي خبر پئي ته هو هن هفتي ۾ ڇا پڙهائيندو؟ استادن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ پندرنهن روزه ميٽنگ ڪري سندن ڪم جي بابت ڄاڻ ورتي وڃي. اسڪولن ۾ ٻارن جي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪو ڪريڪيولر ايڪٽيوٽيز به ڪرايون وڃن، جنهن سان ٻارن ۾ اعتماد پيدا ڪري سگهجي ٿو. انهي لاءِ هيڊ ماسٽر کي گهربل فنڊ به ڏنا وڃن، ته جيئن اسڪولن جا مالي مسئلا حل ٿين.

ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سڀني اسڪولن خاص طور تي هاءِ اسڪول توڙي هائير سيڪنڊري اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ پرنسپال تي اعتماد ڪندي اسڪولن کي ملندڙ سالياني ڪانٽيجنسي بجيٽ اسڪول جي ضرورت موجب جاري ڪئي وڃي. جنهن سان اسڪولن جي روزمرہ جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

اسڪول جي معاملن ۾ ڪميونٽي جي شراڪت:

اسڪول جي انتظامي توڙي پڙهائي جي معاملن ۾ ڪميونٽي جي سلجهيل ماڻهن تي مشتمل اسڪول مئنيجمنٽ ڪاميٽي ٺاهي انکي فعال ڪيو وڃي. انهي سان ڪافي اسڪولي معاملا حل ڪرڻ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي.

اسڪول جا بنيادي مسئلا:

نون استادن جي ڀرتين سان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جي شڪايت جو ڪافي حد تائين ازالو ٿيو آهي. جنهن سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي. پر اسڪولن جا مسئلا حاص طور تي اسڪولن جي عمارتن جي مرمت، فرنيچر، سائنس جي سامان جي فراهمي، پيئڻ جو صاف پاڻي،اسڪولن ۾ بجلي، واش روم۽ ٻيا  کوڙ سارا مسئلا موجود آهن، جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان اسان پنهنجي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري سان لڳائي سگهون ٿا، انهي سموري عمل لاءِ سڀني سانڃھ وند ۽ ارباب اقتدار ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ويهي سوچڻو پوندو، باقي ٺلهين ڳالهين ڪرڻ سان اسان جي تعليم جي سڌرڻ جا آثار گهٽ نظر اچن ٿا.

[email protected]