تعليمي بورڊن کي بي اثر بنائڻ وارو فيصلو

0
196
تعليمي بورڊن کي بي اثر بنائڻ وارو فيصلو

سنڌ جي تعليم تباهي جي رستي تي گامزن آهي. 1947ع کانپوءِ جيڪي به آئيني ادارا جوڙيا ويا آهن، اهي سڀ زوال جو شڪار آهن. خاص طور تي موجوده حڪومت جو هٿ ان ۾ ڪجهه وڌيڪ آهي. تعليمي بورڊن جي جيڪا جوڙجڪ آهي، اها اسيمبلين جي ٿيل آهي. ورلڊ بينڪ ڪنهن دور ۾ اها اسٽڊي ڏني هئي ته اهي بورڊ جيڪي توهان ٺاهيا آهن،

                 اهي صحيح نموني بورڊ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق ناهن. ايم ڪيو ايم جي دور ۾ جيڪو ڪاروبار ڊاڪٽر عشرت العباد شروع ڪيو هو ته هيترا پيسا ڏيو ۽ بورڊ جا چيئرمين ٿيو، ان تمام گهڻي تباهي آندي ۽ نااهل ماڻهو انهن اهم عهدن تي اچي ويا. قانون موجب 20هين جو حاضر سروس پروفيسر ئي چيئرمين ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ 19هين گريڊ جو ماڻهو، جيڪو استاد هجي ۽ ان کي 15 سالن جو پڙهائڻ جو تجربو هجي،

                  اهو ان عهدي تي اچي سگهي ٿو، چاهي اهو اسڪول ۾ هجي يا ڪاليج ۾. ان جي جاءِ تي عشرت العباد پاران مخلتف ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو، جن جو سڌيءَ ريت گورنمينٽ جي ادارن سان ڪو به تعلق ڪونهي. ان ۾ اها ڪسوٽي به ختم ڪئي وئي ته اهو ماڻهو ڪو 17، 18، 19 يا 20 هين گريڊ جو هوندو. ان کانپوءِ هڪ ٻي راند شروع ڪئي وئي،
جنهن ۾ رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، انهن ماڻهن کان پيسا ورتا ويا ۽ پنهنجي مرضيءَ جا ڪم ورتا ويا. اڄ به سنڌ جي ڪنهن تعليمي بورڊ ۾ ڪو حاضر سروس ماڻهو ناهي. اڄ به سنڌ جي ڪنهن به بورڊ ۾ مستقل ڪنٽرولر ناهي ۽ نه ئي ڪو سيڪريٽري آهي. گذريل 4 سالن کان اها ڪوشش پئي ڪئي وڃي ته سنڌ جا سڀ بورڊ ڪراچي جي هڪ خانگي بورڊ کي گفٽ ڪيا وڃن. ٿرڊ پارٽي اها آهي.

ان خانگي بورڊ کي ٺاهڻ وارو انوار احمد خان زئي هو، جنهن ميرپورخاص بورڊ کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي بورڊ کي تباهه ڪيو. هن بورڊ جو ڪنٽرولر اختر غوري هو. جنهن جي ڪرپشن جا ڪارناما هئا، جنهن کي ڄام صادق علي آفيسر ڪيو. اهو ڍايڊيشنل سيڪريٽري رهيو، ان کانپوءِ سينسر بورڊ جو چيئرمين ٿيو. هينئر اهو ماڻهو هن حڪومت جو منظورِ نظر آهي ۽ ڪميشن جو ميمبر آهي. گذريل مئي ۾ مون هڪ پٽيشن داخل ڪئي، هن حڪومت 17 هين گريڊ جي ايڇ ايس ٽي کي ميرپورخاص بورڊ لاءِ پهرين نمبر تي رڪمينڊ ڪيو. تعليم هڪ وي ٽرانسفارميشن آهي.

جيڪو وٺندو امتحان. اهو غلط اسيسمينٽ ڪرائيندو، استادن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته سموري غلطي ۽ ڪرپشن بورڊ جي آهي پر توهان اهو بهتان بورڊ تي ته هڻو ئي نٿا، اهو ته هڻو ٿا استادن تي جيڪو اسيسمينٽ ڪري ٿو. سينٽرل اسيسمينٽ ٿئي ٿي جنهن ۾ ڪرپشن جا ڪهڙا امڪان ٿي سگهن ٿا پر ان جي باوجود توهان کي شڪ هوندو آهي ته استادن ڪرپشن ڪئي آهي ۽ توهان جي سڄي ڪاوڙ جو نزلو اُستادن تي ڪرندو آهي.

جيڪڏهن ڪو استاد ڪرپشن ڪري ٿو ته توهان انڪوائري ڪري سگهو ٿا، پر توهان ٿرڊ پارٽي ڪنهن کي ٿا چئو؟. توهان اهميت پائيٽ کي ڏني.

جنهن تي سڄي زندگي جي ڪرپشن جا داستان اخبارن ۾ ڇپيل آهن. 200 ڪروڙ ڏيڻ کانپوءِ هاڻي وري توهان معاملن کي پرائوٽائيز ڪري اين جي او ڏانهن موٽ کاڌي آهي. توهان جي نظر ۾ ٿرڊ پارٽي آءِ بي اي آهي، آءِ بي اي کي توهان ڇا ٺاهيو آهي، اها يونيورسٽي آهي يا ٽيسٽنگ سينٽر آهي؟

آءِ بي اي تي آڱريون نٿيو کڄن. توهان ڪميشن جو جيڪو ڍانچو ٺاهيو آهي، پهرين پهرين جيڪا رزلٽ آئي آهي، اها ايجوڪيشن جي آهي، اها هڪ ڇوڪري جي آهي، جيڪا ٽيسٽ ۾ فيل آهي ۽ انٽرويو ۾ پاس آهي. انهن تي ڪرپشن ثابت ٿيل آهي. يونيورسٽين ۾ جيڪي ماڻهو رکيا ٿا وڃن انهن جي ڪسوٽي ڪهڙي آهي؟

صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪهڙو ايجوڪيشنسٽ آهي، جيڪو بورڊس ۽ يونيورسٽين جي معاملن جا فيصلا ڪندو. سنڌ جي هائير ايجوڪيشن جا معاملا انتهائي اهم آهن. هي هڪ سنجيده اشو آهي. پڙهيل لکيل طبقي کي هن معاملي تي اٿي بيهڻ گهرجي. مڃيون ٿا ته ڪرپشن آهي پر اهو ٻڌايو وڃي ته هڪ شخص کي ٻن بورڊن جو چيئرمين ڪنهن ڪيو آهي؟ ان کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي.

جيڪو هينئر ايماندار ٿي ويٺل آهي. اهو ٻه سال ڇو چپ هو؟ اهو ٻه ٻه ٽينوئر ڪري چڪو آهي. ٻه ٽينوئر مان مراد آهي 6 سال. ڊاڪٽر سعيد ٽن ٽينوئرن کان ويٺل آهي. اهو ڪهڙو ساکائتو ادارو آهي جيڪو ايڏو وڏو 6 بورڊن جو امتحان ڪرائيندو، اسيسمينٽ ڪندو ۽ رزلٽ ڪڍندو. انهن وٽ ته هڪ سسٽم آهي،

حيدرآباد ۾ گهرائي اسيسمينٽ ڪرائين ٿا بورڊ ۾. بورڊ جيڪڏهن ائين ڌار ڪيو ويندو ته اهي پنهنجي فيسلٽي، پنهنجي سروس ۽ ماهر آفر نه ڪندا. سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته توهان ڪهڙي تباهي ٿا چاهيو، اسان کي سمجهايو وڃي. ورڪنگ ٽيچر کي آنبورڊ ورتو وڃي.

توهان اسان استادن تي آڱر کنئي آهي. مون 36 سال نوڪري ڪئي، آئون 20 گريڊ ۾ آهيان توهان اسان کان نه پڇيو ته توهان سان ڪهڙا مسئلا آهن، توهان وٽ ٽيچرس آهن يا نه ۽ سليبس ڇا آهي. سيمينار ڪيو وڃي ۽ ٽيچرس کي گهرايو وڃي پوءِ ڳالهايو وڃي.

راهو صاحب وٽ ايتريون ڊگريون هونديون جيڪي اسان جي ماڻهن وٽ آهن، جيڪي اسان جي ٽيچرس وٽ آهن. پهرين ته ان مسئلي کي ڪنهن اهڙي فورم تي آڻڻ گهرجي جتي ماڻهو بحث ڪن ته اوهان جو فيصلو صحيح آهي يا غلط. توهان وٽ ماستري جو ٽيسٽون به صحيح نموني نه ٿيون ٿين. توهان جيڪو لوئر اسٽاف ۽ هڪ کان چوٿين اسڪيل لاءِ امتحان ٿا وٺو، انهن جي ڪا خبر ناهي.

انهن جي ڀرتي پنهنجي مرضي سان ڪئي ٿي وڃي. ٿرڊ پارٽي توهان وٽ ڪهڙي آهي. ٿرڊ پارٽي جي معنيٰ آهي پرائويٽائيزيشن. اهي جيڪي 6 بورڊن جا جيڪي ملازم آهن، اهي ڪيڏانهن ويندا. انهن کي بيروزگار ڪيو ويندو. پائيٽ ۾ گذريل سال ٽيچرز ٽريننگ ڪورس/سليبس ٺاهيا ويا، انهن کان پهرين 12 سالن ۾ ڪجهه به نه هو. اتي ان جي سوا ٻه ڪروڙ گرانٽ هئي. 25 مئي 2015ع تي پيچوهي صاحب اشتهار ڏياريو هو ته پائيٽ حسين آباد لياقت آباد ڪراچي ۽ ٻيو جيڪو ڪراچي جو گرلس ٽيچر ٽريننگ ڪاليج آهي اهو زندگي ٽرسٽ کي ڏنو ويو آهي. جيڪو پرائويٽائيز ٿيو آهي، انهن کي 200 ڪمرن جا هاسٽل ڏنا ويا. ان کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ميرپورخاص، سانگهڙ، سکر ۽ لاڙڪاڻو جيڪي انگريزن جي دور ۾ ٺهيا هئا، جن وٽ تمام گهڻي زمين آهي. ان جي پرائويٽائيزيشن ڪرڻي آهي. ٽيچرس ٽريننگ ختم ڪري پهرين ٽيچرس ٽريننگ ڪرايائون هڪ هوٽل ۾، هاڻي ٽيچرس ٽريننگ آءِ بي اي وارا پيا ڪرائين.  ٽيچرس جي ٽريننگ ٿئي ٿي يا نه ڪو پڇڻ وارو ناهي. پيپلز پارٽي مڙني ادارن کي تباهي جي پاسي تي ڌڪي ڇڏيو آهي نه ماڻهو پڙهي ۽ نه ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو.