تعليمي ادارا بند، لاڙڪاڻي جا ٻارڙا تاش کيڏڻ لڳا

0
306

لاڙڪاڻو (ن پ ا) تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري ٻارڙا تاش جا پتا کيڏڻ لڳا، شھر جي ممتاز ڪالوني محلي ۾ معصوم ٻار تاش جا پتا کيڏڻ ۾ مصروف آهن، اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙن جو مستقبل به داءُ تي لڳي ويو، سندن هٿن ۾ قلم بجاءِ تاش جا پتا اچي ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته غريبن جا ٻار آهن والدين پورھيو ڪرڻ وڃن ٿا ۽ ٻار تاش جا پتا کيڏن ٿا، ٻارڙن جي مستقبل جي تباھي جا ذميوار حڪومت آهي، جڏهن ته شھر جي ٻين محلن ۾ به ساڳي صورتحال آهي، وڊيو گيمز، سنوڪر، ڊبو سميت ٻين ھنڌن ٻارن جا ھجوم لڳل آهن، والدين سان گڏ انتظاميا به خاموش آهي.