تعصب ختم ڪرڻ جو عالمي ڏينھن

0
276

تعصب ڇا آهي؟

 تعصب مان مراد آھي جنھن فرد يا گروھه کي سندن عمر، تعليم، رھائش، پيشي، زبان، نسل، قوميت، رنگ، بيماري، جنس، صنف، ڌر، مذھب يا سماجي حيثيت ھي آڌار تي پسند ناپسند ڪرڻ، چٿر/ ٽوڪ ڪرڻ. سماجي تعصب مان مراد ڪنھن فرد يا گروھه کي سندس بيماري، ڌرم، خامي يا ڪنھن به سبب مختلف ھجڻ تي ڌڪارڻ. تعصب جي خاتمي جي عالمي ڏينھن سن ۲۰۲۳ع جو عھد آھي ايڊز جي بيماريءَ ۾ مبتلا فردن سان ٻه اکيائي ختم ڪرڻ. تعصب جي خاتمي جو ڏينھن مارچ مھيني جي پھرين تاريخ تي ملھايو ويندو آھي. ان جي شروعات گڏيل قومن جي اداري UNAIDSطرفان سن۲۰۱۴ع کان ڪئي وئي ھئي. اھو ڏينھن گڏيل قومن جي رڪن ملڪن ۾ ملھايو ويندو آھي جن ۾ پاڪستان به شامل آھي. سن ۲۰۱۳ع ۾ شروع ٿيل ان تحريڪ کي گڏيل قومن سن ۲۰۱۴ع ۾ عزت بخشي ۽ ان ذريعي دنيا ۾ تعصب کان نجات جو ھڪ آواز پيدا ٿيو. اڄ به گڏيل قومن جي ۱۳۴ رڪن ملڪن ۾ ايڊز جي بيمارن کي مجرم سمجهيو وڃي ٿو ۽ کين تعصب کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.  اڄ به گڏيل قومن جي ويھارو رڪن ملڪن ۾ کدڙن کي تعصب جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ سزائون ملن ٿيون. اڄ به گڏيل قومن جي ۱۵۳ رڪن ملڪن ۾ جنسي طور مختلف فردن کي ڪنھن نه ڪنھن تعصب کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. اٺيتاليھن ملڪن ۾ ايڊز جي مريض کي ويزا نٿي ملي ۽ ۵۳ ملڪن جي ويزا لاءِ ايڊز جي نيگيٽو رپورٽ درڪار آھي. ۱۰۶ ملڪن ۾ وري والدين جي اجازت کانسواءِ ايڊز جي تشخيص نٿي ڪرائي سگهجي. ايڊز خلاف تعيـصب جي خاتمي جو نشان پوپٽ آھي

پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد ھڪ لک پنجھٺ ھزارن جي لڳ ڀڳ آھي. جيڪو ڪل آباديءَ جو ھڪ سيڪڙو کان گهٽ بيھي ٿو. ايشيا ۾ ڀارت کانپوءِ ٻئي نمبر تي اسان آھيو. عوام ھي ملڪيتي، سرڪاري صحت کاتي واران تشخيص ۽ علاج بنا معاوضي آھي پر اھڙن صحت مرڪزن جو سڄي ملڪ ۾ تعداد ستر آھي. سنڌ ۾ اھو تعداد ويھارو کن آھي.