تشريحيت جو تحقيقي فلسفو

0
192
تشريحيت جو تحقيقي فلسفو

تحقيق جي حوالي سان تشريحيت (Interpretivism) جو فلسفو باقي ٻين جي ڀيٽ ۾ نئون آھي. جيئن ته ھي فلسفو مثبتيت/اثباتيت (Positivism) جي ردعمل طور ۽ ان کان پوءِ وجود ۾ آيو, ان ڪري ھن کي رد اثباتيت (Anti-positivism) ۽ (Post-positivism) ما بعد اثباتيت پڻ چئبو آهي. ويھين صدي جي وچ ڌاري اثباتيت فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ نيٺ 1960ع جي ڏھاڪي دوران تحقيق جي شعبي ۾ اثباتيت جي مقابلي ۾ تشريحيت (Interpretivism)  ھڪ الڳ ۽ مختلف فلسفي جي حيثيت ۾ منظر عام تي اچي ويو. ھن فلسفي ۽ نظرئي مطابق مختلف طبقن، ثقافتن، مذھبن ۽ نظرين سان واسطو رکندڙ ماڻهو ھڪ مادي شيءِ ۽ سماجي لقاءُ جي منفرد، مختلف ۽ ڪجهه حالتن ۾ بلڪل  ابتڙ تشريح ڪندا آهن. جيئن ته انسانن جي عقيدن، نظرين، روين ۽ عملن جي معروضي پيمائش ممڪن نه آهي، ان ڪري ھي فلسفو مقداري تحقيق (Quantitative Research) بدران معياري تحقيق (Qualitative Research)  جي طريقن جھڙوڪ ذاتي مشاھدو، دوستانه يا گھري ڳالهه ٻولهه، ۽ ريتن رسمن ۾ ڀرپور شموليت وغيرہ کي ترجيح ڏئي ٿو. تشريحيت سماجي سائنسز جي تحقيق ۾ ٽن مڪتبهء فڪرن سان واسطو رکي ٿو: فنومينالاجي (ماڻهن جا ذاتي تجربا ۽ محسوسات)، ايٿنوگرافي (سرزمين تي ڪافي عرصي تائين ماڻهن سان گڏ رھڻ، انهن سان گفتگو ڪرڻ ۽ انهن جو مشاھدو ڪرڻ ته ماڻهو مخصوص سماجي عمل ڇو ڪن ٿا) ۽ سمبولڪ انٽرايڪشنزم (لکت جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ).

ھونئن ته تشريحيت جون پاڙون ايمينيئل ڪانٽ جي انسان جي خودمختياري جي فلسفي تائين وڃن ٿيون، جنھن مطابق انساني اخلاقيات ۽ ان جا بنيادي تصور يعني خدا، آزادي ۽ ابديت پڻ عقلي استدلال جا ثمرات آھن؛ ھن جو آغاز ويھين صدي جي اوائلي دور ۾ ئي “شڪاگو اسڪول” جي ميمبرن (Albion Small, George Herbert Mead, and E. Franklin Frazier)  طرفان ٿي چڪو ھو، جن جو خيال ھو ته ماڻهن ۽ سماجي معاملن ۾ سائنسي طرز کان بلڪل مختلف قسم جي تحقيق جي ضرورت پوي ٿي، جنھن ۾ متعلقه ماڻهن جي راين ۽ نظرين بابت ڄاڻڻ بلڪل ضروري آھي. “بيوروڪريسي” جي باني ۽ مختلف شعبن جھڙوڪ سماجيات تي سٺي دسترس رکندڙ جرمني جي ڏاھي ميڪس ويبر (Max Weber 1864-1920)  کي ھن فلسفي جو پڻ باني قرار ڏنو ويندو آهي. سندس خيال ھو ته، “دل جي ڪنن سان ٻئي جي ڳالهه يا نقطهء نظر ٻڌڻ” سان ماڻهن جي روين ۽ عملن جي تھ تائين پھچي سگهجي ٿو.

اثباتيت جي ابتڙ تشريحيت وسيلي ٻئي ماڻهو يا ٻين ماڻهن کي دل جي ڪنن سان ٻڌڻ ۽ ھمدردانه گفتگو وسيلي انهن جي عقيدن، نظرين ۽ لاڳاپيل روين ۽ عملن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته جيئن متعلقه فرد يا ٽولي جي موضوعي سچائي (Subjective Reality) تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي. ھن مطابق انساني سماج ۾ سماجي سچائي ھڪڙي ڪانهي پر ھڪ ئي وقت ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ڪيتريون ئي موضوعي سچائيون مروج آھن، جيڪي ان معاشري ۽ سماج جي تشڪيل ڪن ٿيون. ٻين لفظن ۾ مادي شين ۽ سماجي لقائن جي اھميت ۽ انهن جي صحيح ۽ غلط ھجڻ جا تصور ھر مذھب، ثقافت ۽ لساني ٽولن توڙي فردن ۾ آفاقي يا ھڪجھڙا نه پر مختلف ھوندا آھن ۽ ڪجهه حالتن ۾ ته ھڪ ٻئي جي برعڪس ھوندا آھن. مثال طور ھڪ مرد ۽ عورت جو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان اڳ ازدواجي لاڳاپا رکڻ ۽ گڏ رھڻ ھڪ ثقافت ۾ قابلِ قبول آھي ته ٻي ثقافت ۾ وري ان جي سزا ڦاسي جو ڦندو يا سنگساري آھي.

تشريحيت جو مرڪزي نقطو ھي به آھي ته سچائي ٻاھرين دنيا يا ڪائنات ۾ ٺھيل ٺڪيل موجود نه آهي، جيڪا دريافت ڪئي وڃي پر سچائي ته اصل ۾ اھا معنيٰ آھي، جيڪا اسان ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي ڏيون ٿا. ان جو مطلب اھو آھي ته دنيا ۾ مڪمل طور معروضي يا مطلق سچائي نالي ڪا شيءِ ڪانهي پر ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ سچائيون اسان جي ذھنن اندر جڙن ٿيون ۽ اھي موضوعي ۽ ذھني پيداوار آھن. اچو ته تشريحيت جي تحقيقي فلسفي جي عام نقطن تي ھڪ نظر وجھون:

  • سچائي معروضي ۽ ھڪ نه آهي پر انساني سماج ۾ ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ، مختلف ۽ ڪجهه حالتن ۾ ابتڙ سچائيون موجود آهن.
  • سچائيون خارجي دنيا ۾ دريافت ٿيڻ لاءِ ھڪيون تڪيون موجود نه آھن پر اھي انسانن جي ذھنن اندر موضوعي طور جڙيون آھن، يعني اسان پنھنجن منفرد دنيائن جا پاڻ خالق آھيون.
  • اسان معاشري يا سماج جي پيداوار نه آھيون پر مختلف معاشرا اسان جي پيداوار آهن.
  • ھن فلسفي تحت ھڪ محقق ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي سندس فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت کان الڳ ڪري مطالعو ڪرڻ جو حامي نه آهي پر شين ۽ لقائن کي سندن فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت اندر انهن جي ڏسندڙن يا حصو بڻيل ماڻهن جي اک ۽ زبان سان ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انھن جي اھميت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
  • ھتي محقق صحيح يا غلط بدران اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ماڻهو ايئن ڇو ڪن ٿا؟
  • ھن ۾ محقق تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تجزئي لاءِ مقداري (Quantitative) طريقن بجاءِ معياري/بياني (Qualitative) طريقا استعمال ڪندو آھي؛ جھڙوڪ لاڳاپيل ماڻهو جي ذاتي ڊائري يا لکتون، دوستانه ڊگهي گفتگو ۽ سرزمين تي پاڻ وڃي ڪافي عرصي تائين رھڻ ۽ مشاھدو ڪرڻ وغيرہ.
  • ھن قسم جي تحقيق جو مقصد ڪو نظريو دريافت ڪرڻ نه پر ھٿ ۾ کنيل عنوان متعلق ھڪ نئون نظريو جوڙڻ يا تخليق ڪرڻ آھي.
  • ھن قسم جي تحقيق جو نتيجو مختصر نه پر ھڪ ڊگھي رپورٽ يا ڪتاب جي صورت ۾ ھوندو آھي.

ڳالھ جو ڳر يووال نوح ھراري جي لفظن ۾ اھو ٿو وڃي بيھي ته، “ماڻهو ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ جانور آھي… اھو معروضي حقيقتن کان ڪھاڻين کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو”. ان ڪري سماجي اجتماعي زندگي ۾ اھو شين ۽ لقائن کي پنھنجي طرفان معني ڏيندو آهي، انهن جا قدر طئي ڪندو آھي ۽ اھڙي تشريح پڻ ڪندو آھي. تشريحيت جو فلسفو تحقيقي ميدان ۾ سرزمين تي ماڻهن سان ڊگهي عرصي تائين گڏ رھڻ، انهن جو توڙي شين ۽ لقائن جو فطري ماحول ۾ مشاھدو ڪرڻ، دل جي ڪنن سان ماڻهن جو ڳالهيون ۽ نظريا ٻڌڻ، دوستانه/ھمدردانه ڊگهي غير رسمي گفتگو ڪرڻ ۽ متعلقه لکت جي رڪارڊ جو گھرائي سان جائزو وٺڻ سان مخصوص طبقي جي ماڻهن جي ريتن رسمن، قدرن، ثقافت، سماجي روين ۽ عملن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.