تشدد ۽ لساني نفرت جي هر گز اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي

0
163
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪراچي ملڪ جو نه رڳو معاشي حب آهي پر  سڄي ملڪ جي سياست جي  به شهه رڳ آهي،سامونڊي بندرگاهه ۽ ٽئڪس ڪليڪشن جو وڏو مرڪز هئڻ ڪري نه رڳو ملڪ جي  سڀني سياسي ڌرين جون نظرون انهي شهر تي کتل هونديون آهن پر عالمي سياست جا به انهي تي گهرا اثر پون ٿا نه رڳو سياست پر دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هلائيندڙ گروهه ۽ مختلف مافيائون به انهي ڪراچي شهر کي پنهنجو پناهه گاهه سمجهن ٿيون جنهن ڪري ويٺي ويٺي ڪراچي ۾ ڪو به معمولي واقعو ڪو وڏو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيندو آهي. ماضي انهي جو شاهد آهي،

ڀٽي خلاف پي اين اي جي تحريڪ جو به اهو شهر ئي مرڪز هو ته ضياءَالحق جي دور کانپوءِ لساني ۽ فرقيوار جهڳڙن ۽ مشرف جي دور ۾ اهو شهر دهشتگردن جو آمجگاهه بڻيو، جتان ويهي القاعده ۽ طالبان جا دهشتگرد آپريٽ ڪندا هئا ته لساني دهشتگردي ۽ لساني وڳوڙ به انهي شهر ۾ ٿيندا رهيا. جنهن ڪري ملڪ جي معاشي حب طور  مشهورشهر جو ڪاروبار ۽ واپار تباهه ٿيو ته روشنين جو شهر سڏجندڙ اهو شهر اونداهين جي ور چڙهي ويو.دهشتگردي خلاف آپريشن کانپوءِ انهي شهر سک جو ساهه کنيو آهي ته هاڻي وري اتي پنهنجو سياسي قبضو برقرار رکڻ لاءِ مختلف ڌرين ۾ ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر اهو خوف ورتل آهي ته ڪٿي ڪي ڌريون پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ انهي شهر کي وري لساني باهه ۾ نه اڇلائين جنهن مان ڄڻ ته تازو تازو انهي شهر جان ڇڏائي آهي.

ڪجهه وقت کان وٺي وري انهي شهر ۾ ڄڻ ته انهي لساني سياست کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سياسي اختلافن کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪي ڌريون ڪري رهيون آهن.مڪاني نظام واري قانون کان اها مهم شروع ڪئي وئي جيڪو نج هڪ سياسي معاملو آهي پر انهي کي ڪراچي تي قبضي ۽ شهري ۽ ديهي سنڌ جا نعرا ڏئي ڪي ڌريون احتجاج تي لٿل آهن سياسي احتجاج انهن جو حق آهي پر انهي کي لساني سيات جي ور چاڙهڻ هن شهر جي ترقي کي روڪڻ برابر آهي.رڳو ڪراچي جي سياست تائين محدود ڪجهه ڌريون هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ انهي لساني سياست کي هٿي وٺرائي رهيون آهن جنهن ڪري اهي ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن.جڏهن ته ٻئي طرف وري حڪمران مخالفن جي ڳالهه ٻڌڻ بدران رڳو طاقت ۽ اڪثريت جي زور تي سڀ فيصلا ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ڪري معاملو ويتر خراب ٿي وڃي ٿو.ٻه ڏينهن اڳ جنهن انداز ۾ هڪ احتجاج کي پوليس جي تشدد ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اها ڪنهن به صورت ۾ جسٽيفاءِ نه ٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته جمهوريت هر ماڻهو کي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو حق ڏئي ٿي.

ٻئي طرف انتظاميا جو موقف آهي ته اهو احتجاج ان وقت ۽ ان هنڌ ڪيو ويو جتي ٻئي ڏينهن پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب ٿيڻي هئي ۽ عالمي ڪرڪيٽر ان هنڌ تي هوٽل ۾ ترسيل هئا جنهن ڪري انتظاميا سمجهي پئي ته جيڪڏهن اتي ڪا گڙٻڙ ٿي ته اهو پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ هاڃيڪار ٿيندو ڇاڪاڻ ته وڏي ڪُوششن کانپوءِ مس مس پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي.ڀلي ڇا به هجي پر تشدد جو جواز نه ٿو ڏئي سگهجي جڏهن سڀ ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ سي ايم سنڌ انهي پارٽي جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي ِ ۽ معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏنو آهي ته اهو رابطو واقعي کان اڳ به ڪري سگهجي پيو.بهرحال اها سٺي ڳالهه ٿي آهي ته انهي رابطي ۾ ٻنهي ڌرين واقعي کي لساني رنگ نه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ٻنهي طرفن پاران لسانيت بابت بيانن جي مذمت ڪئي وئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي هڪ حساس ۽ اهڙو شهر آهي جنهن سان سڄو ملڪ جو معاشي ۽ سياسي معاملو ڳنڍيل آهي جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ وفاقي گهرو وزير به انهي شهر سميت ٻين پنج شهرن ۾ دهشتگردي جو خطرو ڏيکاريوآهي تنهن ڪري حڪومت توڙي سياسي ڌرين کي سمجهداري جو مظاهرو ڪري احتياط ڪرڻ گهرجي.بهرحال هاڻي به وقت نه ويو آهي جيڪو ڌرين ۾ رابطو ٿيو آهي انهي کي برقرار رکي ڳالهين ذريعي ئي معاملي جو ڪو حل ڪڍيو وڃي۽ ساسي معاملن کي لسانيت جو رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته  جيئن ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪي خوف جا پاڇا پيدا ٿي رهيا آهن انهي کي ختم ڪري سگهجي ۽ ڪي مخصوص مفاد رکندڙ مافيائون ۽ دهشتگردي جا نيٽ ورڪ انهي صورتحال مان فائدو حاصل وٺي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي حب کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪن.