تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ تي مذهبي تنظيم تي پابندي لڳائي: وزيراعظم

0
397

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان رياستي رٽ کي چيلينج ڪيو ته ان جي خلاف دهشتگردي قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ دنيا ۾ رهندڙن لاءِ هڪ ڳالهه واضح ڪري رهيو آهيان ته جڏهن تحريڪ لبيڪ تشدد وارو رستو اختيار ڪيو، ماڻهن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي..