ڪراچي (م ڊ) فواد چوڌري چيو آهي ته تسنيم حيدر نوازشريف جو تمام ويجهو آهي، الزامن تي کيس جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته لنڊن ۾ اهڙي قسم جا سنگين الزام سوچي سمجهي لڳايا ويندا  آهن، سپريم ڪورٽ کي تسنيم حيدر جي الزامن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف جي قتل ڪيس ۾ تسنيم حيدر شاهه کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.