ڪراچي ۾ ترڪ عورت وي لاگر کي هيسائيندڙ جوابدار گرفتاري بعد معافي وٺي ڇڏي ۽ عورت کي پنھنجي ڀيڻ ڪوٺي ڇڏيو

ترڪ وي لاگر سيده نور ڪجهه ڏينهن اڳ صدر ۾ وڊيو لاگ ريڪارڊ ڪيو هو

وڊيو جي ريڪارڊنگ دوران جوابدار شعيب لاڳيتو سندس پيڇو ڪندو رهيو

پوليس وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوٽيس وٺندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ترڪ وي لاگر کان معافي وٺي ڇڏي

جوابدار شعيب چيو آهي ته سيده نور منهنجي ڀيڻ جيان آهي، منهنجي نيت کيس هيسائڻ جي نه هئي