انقرا (م ڊ): ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پيٽ ۾ تڪليف سبب ٽي وي انٽرويو اوچتو ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هن وقت ترڪي ۾ 14 مئي جي پارلياماني ۽ صدارتي چونڊ مهم جاري آهي، انهي دوران صدر رجب طيب اردوان اڱاري ڏينهن 2 ٽي وي چينلز کي گڏيل انٽرويو ڏنو. پهريان ته ترڪ صدر جو انٽرويو 90 منٽ دير سان شروع ٿيو ۽ پوءِ انٽرويو شروع ٿيڻ کان 10 منٽ پوءِ رجب طيب اردوان جي پيٽ ۾ تڪليف سبب ان کي اوچتو روڪيو ويو. پر صدر اردوان 15 منٽن جي وقفي کان پوءِ موٽي آيو ۽ ناظرين کان معافي ورتي، ترڪ صدر وقفي کان پوءِ وڌيڪ ڪجهه سوالن جا جواب ڏنا. ترڪ صدر چيو ته ڪالهه ۽ اڄ جو ڏينهن گھڻو مصروف گذريو، انهيءَ ڪري پيٽ ۾ تڪليف ٿي، آئون سوچيو پروگرام رد ڪري ڇڏيو ته غلط سمجهو ويندو. رپورٽن موجب صدر اردوان انٽرويو ۾ ٿڪيل چهري سان موٽي آيو ۽ سندس اکين ۾ پاڻي هو. واضح رهي ته صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس جماعت گذريل 20 ورهين کان ترڪ سياست تي سوڀاري رهي آهي، هن ڀيري صدارتي چونڊن ۾ اپوزيشن ليڊر ڪمال قليچ دار اوغلو هن جي آمهون سامهون آهي.