استنبول (دلچسپ نيوز) ترڪي ۾ ٻلي هڪ ئي وقت 6 ٻچن کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب وان نسل جي ٻلي استنبول ۾ وين يزونڪو يونيورسٽي جي اسپتال ۾ داخل هئي، ٻلي 2 ڏينهن اسپتال ۾ داخل رهڻ بعد هڪ ئي وقت 6 ٻچن کي جنم ڏنو جڏهن ته ڊاڪٽرن ٻلي جي ان پيدائشي عمل دوران سندس مڪمل خيال رکيو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻلي کي پيدائشي عمل بعد واپس/ڏسو صفحو 8 بقايا 02
يونيورسٽي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن وقت ٻلي ۽ سندس 3 ٻچا مڪمل صحتياب آهن، جڏهن ته 3 ٻچن کي ڪمزور هجڻ سبب نرسري ۾ رکيوويو آهي.