استنبول (دلچسپ نيوز) ترڪي ۾ ٻلي هڪ ئي وقت 6 ٻچن کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب وان نسل جي ٻلي استنبول ۾ وين يزونڪو يونيورسٽي جي اسپتال ۾ داخل هئي، ٻلي 2 ڏينهن اسپتال ۾ داخل رهڻ بعد هڪ ئي وقت 6 ٻچن کي جنم ڏنو جڏهن ته ڊاڪٽرن ٻلي جي ان پيدائشي عمل دوران سندس مڪمل خيال رکيو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻلي کي پيدائشي عمل بعد واپس يونيورسٽي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن وقت ٻلي ۽ سندس 3 ٻچا مڪمل صحتياب آهن، جڏهن ته 3 ٻچن کي ڪمزور هجڻ سبب نرسري ۾ رکيوويو آهي.