ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي قيامت برپا ڪري ڇڏي، فوتين جو انگ 4هزار 300 سئو کان به وڌي ويو

0
244

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تُرڪيه ۽ شام ۾ 7.8 جي شدت جي زلزلي قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، مجموعي طور فوتين جو انگ 4هزار 300 سئو کان به وڌي ويو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو هزارين زخمي ٿي پيا، خوفناڪ زلزلي دوران عمارتون اِک ڇنڀ ۾ مٽي جو ڍير بڻجي ويون

ترڪيه ۾  2 هزار 921 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي،  شام ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو هڪ هزار 420 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، ريسڪيو ٽيمن طرفان ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي

 

ترڪيه صدر رجب طيب اردگان طرفان زلزلي جي تباهي کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو،  امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز ترڪي جو ڏاکڻو علائقو هو، اونهائي 17.9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي

Image

قبرص، يونان، اردن، لبنان ۽ جاپان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين 120کان وڌيڪ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن، ترڪيه صدر رجب طيب اردگان پاران مُلڪ ۾ هفتي لاءِ سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي

عالمي برادري طرفان ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب تباهي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڀرپور امدد جا اعلان ڪيو ويو آهي، يورپي يونين ۽ نيٽو پاران ترڪي جي مدد لاءِ ريسڪيو ٽيمون اماڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي

روسي صدر طرفان به ترڪي ۽ شام جي ڀرپور مدد جو واعدو، فرانسيسي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته زلزلي متاثر ملڪن جي هنگامي بُنيادن تي امداد لاءِ تيار آهيون

وزيراعظم شهباز شريف طرفان  ترڪ عوام سان همدردي جي اظهار لاءِ 8 فيبروري تي ترڪيه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم سان گڏ ترڪي روانو ٿيندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪري زلزلي سبب ٿيل جاني نقصان تي همدردي جو اظهار ڪندو، وزيراعظم طرفان ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن جي دوري جو به امڪان آهي

هي به پڙهندا

ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب قيامت برپا: 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون