استنبول(م ڊ) ترڪيا ۽ شام ۾ آيل ڀوائتي زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ پنجاهه هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ترڪيا ۽ شام ۾ آيل زلزلي سبب هنيئر تائين فوتين جو انگ پنجاهه هزار کان ٽپي ويو آهي، جن ۾ رڳو ترڪيا ۾ 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن جنهن جي تصديق ترڪيا جي ڊيزائسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي طرفان ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ شام زلزلي سبب فوتين جو انگ اٽڪل ڇهه هزار آهي.