لاهور(م ڊ) مخالف تحريڪ انصاف کي وڏو ڌچڪو ڏيڻ وارا آهن. ڏکڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن طرفان نئين پارٽي ٺاهڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن. ذريعن موجب ڏکڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن جهانگير ترين ۽ مخدوم احمد محمود جي سربراهي ۾ نئين پارٽي ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي اهي ٻئي اڳواڻ ليڊ ڪندا. پارٽي ۾ تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن کي به شامل ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن سان جهانگير ترين ۽ مخدوم احمد محمود رابطا مڪمل ڪري ورتا آهن. ڏکڻ پنجاب جي سياست جي ٻن وڏن سياسي اڳواڻن وچ ۾ 10 سالن کانپوءِ ملاقات ٿي هئي. سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جهانگير ترين ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻي گورنر پنجاب مخدوم سيد احمد محمود لاهور ۾ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻئي اڳواڻ پنهنجا سياسي فيصلا ڌار ڌار ڪري رهيا هئا. جهانگير ترين مخدوم احمد محمود جي دعوت تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي 10 سالن جي ناراضگي ختم ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي پاران چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.