اسلام آباد : نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ  1150ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ دستاويز مطابق ترقياتي بجيٽ ملڪي ترقي ۽ تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ترقياتي بجيٽ ذريعي معيشت جي سگھه ۾ اضافو ٿيندو، بهتر انفرساسٽرڪچر جي فراهمي، افرادي ترقي، ريجنل انڪيوئٽي ۽ انوسٽمينٽ ۾ اضافي جهڙا مقصد حاصل ڪيا ويندا آهن. دستاويز موجب ترقياتي پروگرام لاءِ رکيل 1150 ارب رپين مان صوبن جو ترقياتي پروگرام 1559 ارب رپيا آهي. اهڙي طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو حجم 2709 ارب رپيا ٿيندو. اها رقم جي ڊي پي جو صرف 2.6 سيڪڙو آهي. دستاويز موجب ن ليگ جي گذريل حڪومت ۾ ترقاتي خرچن جو حجم جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين پهچايو ويو هو. گذريل حڪومت ترقياتي مد ۾ تباهي ۽ بربادي آندي جنهن ڪري ترقياتي وسيلا اڌورا رهجي ويا.  پي ايس ڊي پي ۾ شامل 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي جون 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي اميد آهي. سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ جدد ترين انفرااسٽرڪچر جي فراهمي لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو حصو رکيو ويو آهي انفرااسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپور ٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ رکيل رقم 267 ارب رپيا ڪل حجم جو 28 سيڪڙو آهي. پاڻي شعبي لاءِ رکيل رقم 100 ارب رپيا آهي. توانائي جي شعبي لاءِ 89 ارب رپيا يعني 9 سيڪڙو بجيٽ رکيل آهي. فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ 43 ارب رپيا. مختلف علائقن جي متوازن ترقي لاءِ  108 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب رپيا خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن اين ايم ڊي ايس لاءِ، 32.5 ارب رپيا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ، 28.5 ارب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن.