تربيلا کان پيداوار بند، سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو

0
385
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا

لاهور (بيورو رپورٽ) سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو، شهري علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي صدر، ڊفينس، ملير، قائد آباد، ماروي ڳوٺ، شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري، لاڙڪاڻو ۾ بجلي جي بندش خلاف شاگرد احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، گرميءَ ۾ بجلي نه هجڻ سبب پڙهائي متاثر ٿيڻ جون دانهون، ٺارو شاهه ۾ بجلي جي بندش خلاف مظاهري دوران مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون، بجلي جي بحالي تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي جو بحران شديد، بجلي جو مجموعي شارٽ فال 7 کان 8 هزار ميگاواٽ تي برقرار، تربيلا ڊئم ۾ لَٽ چڙهي وڃڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ مشين کي نقصان جو خدشو آھي، توانائي وزارت وج چوڻ آهي ته تربيلا جي ٽنڪل 3 کي فعال ڪيو ويو، بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، شارٽ فال 593 رڪارڊ ڪيو ويو.