تربيلا منگلا ڊيمن جو ڀرجڻ ۽ لٽجڻ

0
130
تربيلا منگلا ڊيمن جو ڀرجڻ ۽ لٽجڻ

  تربيلا ڊيم هن سال ڀرجي چڪو آهي، انجي مڪمل ڀرجڻ جي ليول 1550 فوٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ منگلا ڊيم مڪمل نھ ڀريو آهي، ان جي ليول هن سال 1192.2 فوٽ آهي، ان جي مڪمل ڀرجڻ جي ليول 1242.0 فوٽ آهي وري اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ کي انهي مان نڪرندڙ واهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن تي اعتراض هوندو آهي، جيڪي 24 آگسٽ تي هي ريت رهيا آهن.

واھھ                          منگلا ڊيڊ ليول               وھڪرو

  1. چشما جھلم لنڪ –                       18,000ڪيوسڪ
  2. تونسا پنجند لنڪ _ 12,000 ڪيوسڪ
  3. ڪچي ڪينال 0 ڪيوسڪ
  4. منگلا ڊيم 1192.2 1492.5 ڪيوسڪ

                 اسان کي منگلا ڊيم ڀرڻ تي به اعتراض هوندو آهي، اهو اعتراض تڏهن هوندو آهي جڏهن سنڌ۾ پاڻي کوٽ هوندي آهي، هن سال برساتن ڪري وهڪرا ٺيڪ آهن ۽ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ناهي تنهن ڪري سنڌ وارن کي منگلا ڊيم ڀرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. مون کي سنڌو درياهه تي اعتراض هوندو ھو، ته انهي ۾ ڊيلٽا نه هوندو هو، ڊيلٽا جو مطلب اهو هو ته تربيلا ڊيم کان 10 ڪلو ميٽر مٿي واري جو هڪ دڙو هو جنهن ڪري درياءَ ۾ مٿي لٽ گڏ ٿيندو هو، اهو دڙو ڏسڻ لاءِ مان هڪ سان جڏهن تربيلا ڊيم خالي هوندو آهي، ڏسڻ لاءِ ويس مان واپڊا وارن جي معرفت لانچ تي چڙھيس، جڏهن لانچ دڙي تي پهچڻ واري هئي ته لانچ لڏڻ لڳي، مونکي لانچ جي ڊرائيور چيو ته اسان ٻڏي سگهون ٿا، تنهن ڪري انهي سال مان موٽي آيس، پر ٻئي سال وري ويس، هن دفعي واپڊا وارن هڪ هور  ڪرافٽ جو بندوبست ڪيو. اسان واري جي دڙي تي لٿاسين. اهو ڏسي مان حيران ٿي ويس ته جيستائين منھنجي نظر وئي اهو واري جو دڙو مٿي 60-70 ميلن تائين موجود هو. هاڻي واپڊا وارن انهي واري کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻنهي پاسي 400 اوچا جبل هئا. هڪڙو ته اهو مسئلو هو ته 400 فوٽ مٿي جبلن تان واري ڪيئن پهچائجي، وري ٻيو مسئلو اهو هو ته جيڪڏهن مشينن ذريعي اهو 400 جبلن کان مٿي اڇلائجي ته اتان اها واري ڪيئن ڪڍجي. واپڊا وارن انهي ٻنهي مسئلن تان اها اسٽڊي ختم ڪرائي ڇڏي، جو انهيءَ تي تمام گهڻو خرچ پيو اچي.

منگلا ڊيم، وڌ ۾ وڌ ليول 1242لٽيل ڊيم  50 سيڪڙو ،گھٽ ۾ گھٽ ليول آر ايل 1042

تربيلا  وڌ ۾ وڏ ليول 1550لٽيل ڊيم40سيڪڙو گھٽ ۾ گھٽ ليول آر ايل 1300

ٻيو مسئلو آهي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض. مان سنڌو درياهه ته ڪنهن به نئين ڊيم ٺاهڻ تي راضي نه هوندو آهيان، پر ڀاشا ڊيم هڪ متبادل ڊيم آهي،  انهي کانسواءِ سنڌ جو پاڻي پورو نٿو ٿي سگهي، جڏهن اها صورتحال آهي ته انهي تي اعتراض اجايو آهي، اهو ٺهڻ کپي.

سنڌو درياهه  ۾ هر سال لٽ اچي ٿي، سال 2017ع جي سروي مطابق ان جو اٽڪل 40 سيڪرو لٽجي ويو آهي ۽ انهي کانپوءِ اڃان لٽيو هوندو، پر انهي جا انگ اکر ناهن، جيڪڏهن ٻيهر سروي ڪرائي وڃي ته نوان انگ اکر اچي سگهن ٿا، جنهن مان خبر پوندي ته هو وڌيڪ ڪيترو لٽيو آهي.

ڊيمن جو لٽجڻ هڪ قدرتي عمل آهي، هر سال ڊيمن ۾ لٽ اچي ٿي ۽ اهي لٽجن ٿا، انهي جو ڪو حل ڪونهي.

منگلا ڊيم جو لٽجڻ:

منگلا ڊيم هر سال 15 سيڪڙو لٽجي ٿو، انھي ڊيم سال 1969ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، هن مھل هي اٽڪل 50 سيڪڙو لٽجي چڪو آهي، ڇا تربيلا ڊيم وانگر انهي مٿان به ڪو ڊيم ٺهي سگهي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ اهو ممڪن ناهي ڇو جو ٻنهي پاسي مٿي جبل ڪونهن ۽ انڊس بيسن ٽريٽي جو ڇا ٿيندو؟ جنهن ۾ انهي ايراضين لاءِ جيڪي اڳي ستلج،بياس، راوي درياهن تي آبادي ٿينديون هيون، پنجاب وارا زوري سنڌو درياهه مان پاڻي کڻندا  ۽ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٿيندي مان وري انهي بزرگ جي اڳڪٿي جو ذڪر ڪندس تو ڪو وقت ايندو جڏهن سنڌو درياهه ۾ سکر وٽ پاڻي جو ڦڙو به نه ايندو.

پر اسان کي نااميد ٿيڻ جي ضرورت ناهي جنهن پيدا ڪيو آهي اهو اسان لاءِ رزق جو بندوبست ڪندو.

آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو

شاهه لطيف: