ٺل (ن پ ا) تربت ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل اڌڙوٽ بابو بنگلاڻي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ ساجن بنگلاڻي پهتو ته ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته مقتول جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، مڙهه سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو  ويو. شهزادو بنگلاڻي ٻڌايو ته چاچو بابو بنگلاڻي تربت ۾ مائو وڪرو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پالندو هو، خبر ناهي ڪنهن کيس بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي جي اين سي لاڳاپيل ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، ٽيجهي بعد ڪيس به داخل ڪرائينداسين، مقتول پنج ٻارڙن جو پيءُ هو.