ترائي: (ن پ ا)  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ پيغامِ لطيف جي سِري هيٺ، بدين ايجوڪيشنل اينڊ سوشل آرگنائزيشن (بيسو) پاران هڪ پر وقار تقريب ٿي جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ شاھ سائينءَ جي شاعري تي ڳالهايو ۽ شاھ سائينءَ جون وايون ڳائي زبردست داد حاصل ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي اونر اقبال جوڻيجي گسٽا ضلع بدين جي صدر محمد صديق سومري، علي غلام ٽالپر، ھيڊ ماستر منور علي ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شاھ سائينءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ ان کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ ھن قسم جا پروگرام ٿيڻ گھرجن. بدين ايجوڪيشنل اينڊ سوشل آرگنائزيشن (بيسو) جو سٿ جس لهي جن هي شاندار پروگرام ترتيب ڏئي شاھ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ هڪ وک کنئي آھي.پروگرام کي عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو پڻ خطاب ڪيو. پروگرام ۾ ٻارڙن جي تقريرن کي جج ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ تقرير لاءِ نياز راهوڪڙو، انگريزي لاءِ عبدالغفار بلوچ، ۽ اردو تقرير لاءِ عاصم ميمڻ جج جا فرائض سر انجام ڏنا. آخر ۾ ٻاڙن ۾ شليڊون پيش ڪيون ويون ۽ روڪ رقم پڻ انعام طور ورهائي وئي.