تخت لاهور جي لڙائي

0
224
تخت لاهور جي لڙائي

ان ڏينهن مان به راولپنڊيءَ جي، جي ايڇ ڪيو واري انهيءَ تقريب ۾ موجود هئس جنهن ۾ جنرل قمر جاويد باجوه کي ڪمانڊ نئين آرمي چيف عاصم منير حوالي ڪرڻي هئي، جيتوڻيڪ ان تقريب جو سمورو بندوبست فوجي انداز وارو هيو ان ۾ اڳوڻا آرمي چيف راحيل شريف ۽ اشفاق پرويز ڪياني به موجود هئا، ڪيترائي رٽائرڊ آفيسر به ان تقريب ۾ شريڪ هئا پر ان باوجود ان تقريب ۾ موجود صحافين جي نگاهه ۾ ڪيترائي سياسي سوال گردش ڪري رهيا هئا، پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف به ان تقريب جو حصو هئا، جيتوڻيڪ هن تقريب ۾ موجود مهمان پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ماهر هئا پر ان جي باوجود بلاول ڀٽو کي پنهنجي گاڏي تائين واپس پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳو اهي، منظر ڪافي پرڪشش هئا، جڏهن بلاول ڀٽو سان جي ايڇ ڪيو جي اندر موجود مهمان به ايئن ملي رهيا هئا جيئن سندس جلسي ۾ ماحول هوندو آهي، راحيل شريف سان به سيلفين وارن جو گھيرو گھڻو نظر آيو، فيصل واوڊا جھڙا پي ٽي آءِ وارا به ان تقريب ۾ هئا پر صحافين هڪ ٻئي کي اهو پئي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جو اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ به آيا آهن. مراد علي شاهه سان گڏ پنجاب جو  وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به موجود آهي، اهو سوال به بحث ٿي رهيو ته ڪمانڊ جي تبديلي کان پوءِ هاڻ ان ڳالهه جو انتظار آهي ته نئين پاليسي ڪهڙي ٿي نظر اچي. هڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجھه هوندو اهو هينئر ئي ڪمانڊ جي تبديليءَ سان گڏ تبديل ٿي چڪو هوندو.

اهي بحث به موجود هئا ته جيڪي آفيسر وقت کان اڳ رٽائرڊ ٿي ويا آهن، انهن جي جڳهه ڪير سنڀاليندو، ان تقريب ۾ موجود آفيسرن جو اهو چوڻ هو ته نظام ڪم ڪندو رهندو آهي، جيتوڻيڪ ان تقريب ۾ موجود پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر ته نئين آرمي چيف کي مبارڪون ۽ جنرل قمر جاويد باجوه کي الوداع ڪرڻ واري ماحول ۾ موجود هئا پر سندن پارٽيءَ جا ٽائيگر رٽائر ٿيندڙ جنرل قمبر جاويد باجوه خلاف سوشل ميڊيا کي ايترو استعمال ڪيو جو اهو ٽرينڊ خبرن جي زينت بڻجي ويو، عمران خان پاڻ به نئين آرمي چيف کي مبارڪون ان انداز ۾ ڏنيون جو کائنس قائداعظم جي ڪيل تقرير جي تاريخ به وسري وئي، هن چينج آف ڪمانڊ سان ملڪ اندر جيڪو سياسي ماحول گرم لڳو پيو هو ان ۾ ماٺار اچي وئي. عمران خان جو لانگ مارچ به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو هو، لانگ مارچ جو جيتوڻيڪ وقت ۽ هنڌ عمران خان اهڙو چونڊيو هو جتي آرمي چيف واري چينج آف ڪمانڊ واري تقريب سان گڏ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ميچ به ٿيڻي هئي، عمران خان سان گڏ انگلينڊ جو هاءِ ڪمشنر به اچي مليو هو جنهن جو مقصد اهو هو ته عمران خان جي لانگ مارچ جي ڪري انگلينڊ جي ٽيم جو متاثر ٿيڻ جا چانس نه هجڻ جي برابر هئا، جنهن ڪري راند جو هنڌ ساڳيو رهيو، انهيءَ خبر سان رانا ثناءُ الله واري اسلام آباد پوليس ايترو پرسڪون نظر اچي رهي هئي جو جلسي کي ڪور ڪندي اڳواٽ ئي چئي سگھجي پيو ته عمران خان هاڻ اسلام آباد جو رخ نه ڪندو. هينئر ئي راڻا ثناءُ الله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان ته پنهنجي پريس ڪانفرنس ۽ جلسن ۾ چئي رهيو هو ته راڻا ثناءُ الله کي لڪڻ جي جڳهه به نه ملندي، جڏهن ته مان چئي رهيو هئس ته عمران خان کي واپسيءَ جو رستو به نه ملندو، راڻا ثناءُ الله چواڻي ته عمران خان جي ڳالهه غلط ثابت ٿي، منهنجي ڳالهه درست ثابت ٿي.

اها خبر ناهي ته نئين آرمي چيف جي اچڻ سان ڪهڙي پاليسي تبديل ٿيندي پر اها خبر هر ديوار تي لکيل نظرف اچي رهي آهي ته عمران خان واري پارٽي نئين آرمي چيف سان معاملا بهتر رکڻ جي پاليسي تي گامزن آهي، جڏهن ته رٽائرڊ ٿي ويل جنرل قمر باجوه تي پنهنجي تنقيد جاري رکي آهي. عمران خان نئين آرمي چيف سان نئين شروعات جو خواهشمند نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ موجود صحافي اهي خبرون به ڏئي چڪا آهن ته جڏهن آرمي چيف عاصم منير وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات کان پوءِ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ته ان دوران اها ڪوشش به ڪئي وئي ته آرمي چيف عمران خان سان به فون تي ڳالهائي، جيڪو ممڪن ٿي نه سگھيو، جنهن جو هڪڙو مقصد اهو ٿيو ته ايوان صدر هينئر به ان پاليسي تي گامزن آهي جيڪا پاليسي گذريل آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه واري وقت ۾ ايوان صدر جي هئي، ان وقت به ايوان صدر نه رڳو بيڪ ڊور ڊپلوميسي ۾ مصروف هو پر ايوان صدر واري ملاقات جو پڙاڏو به پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.

اهي ملاقاتون به عمران خان جي حوالي سان ناڪام ٿيون هيون، هينئر به عمران خان واري پارٽي کي انتظار آهي ته نئين پاليسي ڪهڙي هجي. عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، هاڻي چون ٿا ته 20 ڊسمبر تي اهڙي فيصلي تي عمل ڪنداسين. راڻا ثناءُ الله چوي ٿو ته ايترو انتظار ڇو ٿا ڪريو، هاڻ ئي عمل ڪريو، جيڪڏهن موجوده نظام ايترو خراب آهي ته صدر کان ويندي سينيٽ تائين استعيفائون ڏيو. بلاول ڀٽو ته چوي ٿو ته عمران خان وارا استعيفيٰ ڏيندائي ڪونه، جيڪي چوڌري پرويز الاهي جي ويجھو آهن، انهن جو خيال آهي ته پرويز الاهي سميت پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن جيڪي پراجيڪٽ شروع ڪيا آهن اهي ٻين حوالي ڇو ڪندا؟ انهن کي به چونڊ وڙهڻي آهي، ان ڪري پرويز الاهي چوي ٿو ته جنهن وقت عمران خان چوندو، ان ڏينهن ئي اسيمبليون ڊزالو ڪنداسين پر لڳي ٿو ته عمران خان سان سندس ملاقات ۾ “انتظار ڪريو ۽ ڏسندا رهو” وارو مشورو عمران خان کي به ڏنو ويو آهي.

شهباز شريف واري حڪومت آصف زرداريءَ سميت سمورن اتحادين سان مشورا مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، لڳي ايئن ٿو ته آصف علي زرداري ان سڄي معاملي کي ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته شهباز شريف کي چيو ويو آهي ته اهو حڪومت جون ذميواريون نڀائي هن اتحادي حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ کان ويندي موجوده حڪومت خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ تي به غور ويچار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن صورتحال پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن تائين پهتي ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف وارا چونڊون وڙهڻ جو پلان به رکن ٿا، جنهن جو مقصد به عمران خان جي شڪست سان تعبير ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن سندس حڪومت بلوچستان حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪري ته اهو عمران خان کي سياسي شڪست برابر هوندو. ڇو ته موجوده اتحادي حڪومت آرمي چيف جي مقرري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ کان پوءِ هاڻي ايترو پرسڪون نظر اچي رهي آهي جي جڏهن شهباز شريف يا رانا ثناءُ الله جي تقريب يا پريس ڪانفرنس ٿئي ٿي ته اهو بحث ڪيو وڃي ته پريس ڪانفرنس جو موضوع ڇا هوندو، هاڻ عمران خان کي بحث جو موضوع سمجھڻ بجاءِ معيشت جي معاملن کي اهم چئلينج سمجھيو پيو وڃي جڏهن ته هڪڙن جو اهو خيال آهي ته ايترن معاملن کان اڳتي نڪري آيا آهيون، عمران خان کي هر محاذ تي شڪست ملي آهي، هي ته هاڻ رڳو لاهور جي لڙائي بچي آهي، هن ۾ عمران خان ڇا ڪندو؟