تختِ لاهور جي لڙائي ۾ آمريڪا جي شموليت

0
175
تختِ لاهور جي لڙائي ۾ آمريڪا جي شموليت

 9 مئي ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينهن طور لکيو ويندو. ان ڏينهن، عمران خان جي گرفتاري جي خلاف، ملڪ جي هر صوبي ۾ احتجاج، پٿراءُ. ڀڃ ڊاھ، تشدد ۽ اهم دفاعي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا هئا، جن ۾ ڪافي انساني جانيون به ضايع ٿي ويون هيون. انهن واقعن جي آزادانه جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي ماڻهو مجرم آهن، انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي. پر ادارن پاران انهن واقعن جو جيڪو رد عمل آيو آهي، سو ڪجھه ماڻهن لاءِ حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي. باوجود ان جي ته شديد تشدد، جاني ۽ مالي نقصان پختونخوا ۾ ٿيو هو پر ردِ عمل جو مرڪز لاهور نظر اچي رهيو آهي. لاهور سياست جو نئون “پاڻي پٽ” بڻجي ويو آهي، جتي جي هر گهٽيءَ مان ڪونه ڪو نوجوان مرد يا عورت کنڀجي ويو آهي. اهي نازڪ ۽ نفيس نوجوان ڇوڪريون، هاڻي قيد ۽ بند جون سختيون سهي رهيون آهن. انهن مان ڪجهھ عورتون انهن گهراڻن مان آهن، جيڪي ڪالھ تائين “تختِ لاهور” جا والي هئا ۽ جن جي خواب ۽ خيال ۾به نه هو ته انهن کي پنهنجي “محفوظ قلعن” مان زوريءَ کڻي گم ڪيو ويندو. سياست بي رحم آهي. انهن شايد تاريخ نه پڙهي هئي ته انهن جي ئي محبوب بادشاه اورنگزيب، جنهن کي هو پنهنجو آئيڊيل سمجهندا آهن، تنهن ڪيئن نه پنهنجي ڀاءَ دارا شڪوه کي مارايو هو ۽ پنهنجي پيءُ بادشاه شاهجھان کي مرڻ تائين ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند رکيو هو! ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته، “جيڪي ماڻهو تاريخ نه پڙهندا آهن، سي پاڻ تاريخ ٿي ويندا آهن”. جيڪڏهن اسان فقط هار، جيت يا واقعن کي پنهنجي تجزئي جو بنياد بڻائينداسين ته اهو تجزيو سطحي ٿي سگهي ٿو. جامع تجزئي لاءِ تاريخ پڙهڻ ضروري آهي. شايد اهو سبب هو جو سعودي بادشاه شاه سلمان پنهنجن ٻارن تي لازم تہ ڪيو هو ته هو هر هفتي تاريخ جو هڪ ڪتاب ضرور پڙهندا. هڪ انٽرويو ۾ شهزادي محمد بن سلمان ٻڌايو هو ته، “بادشاہ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان پنج هزار سالن جي تاريخ پڙهندا ته توهان جي عمر به پنج هزار سال هوندي”. اها ڏاهپ بادشاهن ۾ آهي ۽ جمهوريت پسندن کي به ان مان سکڻ گهرجي.

“تختِ لاهور” جي لڙائي ۾ سول سوسائٽي ڪٿي آهي؟ ڪلھه تائين ملڪ ۾ جيڪي سول سوسائٽي جا چئمپيئن هئا ۽ پي ٽي آئي حڪومت پاران انساني حقن جي پائمالي تي ڪافي آواز اٿاريندا هئا، سي اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن. ٻئي پاسي وري جيڪي آمريڪا تي الزام لڳائيندا هئا، سي هاڻي ٻيون واهون بند ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ “تختِ لاهور” جي لڙائي ۾ آمريڪا کي شموليت جي دعوت پيا ڏين. جيڪي پهرين آمريڪا جي خلاف ڀنڊي ٻاري بيٺا هئا، سي وري اڄ مظلوم آهن ۽ آمريڪا جي تعريف پيا ڪن. اسان جا ڪافي ليڊر جيڪي انساني حقن جا حامي هئڻ ڪري آمريڪا ۽ يورپ ۾ پنهنجو قد اوچو ڪري رهيا هئا، سي هاڻي شايد اتي وڃڻ جي به قابل نه رهيا آهن. انهن ليڊرن پنهنجي ذاتي مفاد ۾ “انساني حقن” جي ايجنڊا کي خيرباد چيو آهي. آمريڪا، ملڪ جي موجوده سياسي قيادت ۽ گهڻي حد تائين سول سوسائٽي ۾ هڪڙي ڳالهہ مشترڪه آهي ته هو پنهنجي مفادن لاءِ ڪنهن سان به اتحاد ڪري سگهن ٿا. مفادن جي جنگ ۾ هر شئي جائز آهي. جيڪڏهن موجوده “ڪريڪ ڊائون” جاري رهي ٿو ته آمريڪا مان انساني حقن جي حوالي سان آوازن ۾ شدت ايندي رهندي. ان جي سببن ۾ آمريڪا جا پنهنجا جيو پوليٽيڪل مفاد  ۽ موجوده آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي نيو لبرل ذهنيت آهي. سمينٿا پاور، سوزين رائس ۽ وڪٽوريا نيو لينڊ جي لاءِ آمريڪا جي اندر ۽ ٻاهر اهو سمجهيو ويندو آهي ته اهي “نظرياتي” عورتون آهن. اهي انساني حقن جي حوالي سان سرگرم رهنديون آهن. اسان کي سعودي صحافي جمال خشوگي جي بي رحمانه قتل کان پوءِ آمريڪا جي غير متوقع ردِ عمل کي نه وسارڻ گهرجي. پاڪستان جي حوالي سان سمينٿا پاور سڀ کان  اهم آهي، جيڪا شايد پاڪستان ۾ رهي به آهي ۽ هن جي لاءِ ڪجهہ ماڻهن جو خيال آهي ته هن جا ملڪ جي سول سوسائٽي سان ڪافي رابطا به آهن.

پاڪستان جي موجوده صورتحال تي ڇا آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي سوچ جو اندازو ميڊيا ۾ ڇپجندڙ خبرن مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوا جو رخ ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي؟ گذريل ڪجهہ ڏينهن کان آمريڪي سياستدانن ۽ عهديدارن پاران پاڪستان جي اندروني سياسي صورتحال ۽ انساني حقن جي حوالي سان تنقيد جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن مان آمريڪي پاليسي جو ڪجہه اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ پاسي زلمي خليل زاد آهي، جنهن طالبان ۽ آمريڪا جي درميان معاھدو ڪرايو هو، سو ننڊ مان اٿي “انساني حقن” جو عملدار ٿي آيو آهي ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ تي شديد تنقيد ڪري رهيو آهي. هُن جي توپن اڃان ماٺ نه ڪئي  هئي ته اڌ ڊزن ڪانگريس جي ميمبرن آمريڪي سرڪار کي خط لکي انهن توپن ۾ بارود ڀريو آهي. اسان جو ڪپتان پڻ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي اپيل ۽ ٽپيل ڪري رهيو آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي پائمالي تي هو آواز اٿارين. ٻين لفظن ۾ “مون کي بچائين“. زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي سياستدانن پاران پاڪستان تي تنقيد ڪا نئين ڳالهہ نه آهي. هو ماضي ۾ پڻ ڪافي موقعن تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان منفي خيالن جو اظهار ڪندا رهيا آهن. انهن جا مفاد آمريڪا سان جڙيل آهن ۽ ملڪ جي اندر انساني حقن جي پائمالي انهن کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو پنهنجي سياست کي چمڪائين. زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ افغانستان مان بي آبرو ٿي نڪرڻ ڪيئن وساري سگهي ٿي. ڪيوبا جي ميزائل بحران کي ختم ٿئي اڌ صدي گذرڻ واري آهي، فيڊل ڪاسٽرو قبر ۾ آهي پر آمريڪا جي بدلي جي باهہ اڃان تائين ختم نه ٿي آهي. سامراج پنهنجون شڪستون آسانيءَ سان نه وساريندا آهن. هاڻي اچو ته اصل نقطي تي ڳالهہ ٻولهہ ڪريون ته آمريڪا جي پيٽ جو سور ڪهڙو آهي؟

موجوده جيو پوليٽڪس ۾ چين هن جي ريڊ لائين بڻجي ويو آهي. اڄڪلہہ آمريڪا جو سب کان اهم مسئلو چين آهي ۽ اهو ان کي روڪڻ تي پورو زور لڳائي رهيو آهي. پراڻا دوست پراوا ٿي ويا آهن ۽ نون دوستن جي تلاش زور شور سان هلي رهي آهي. اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي تاريخ آمريڪا سان اتحادن ۽ معاھدن سان ڀري پئي آهي پر پراڻو دور آسان هو، ڇو جو چين پڻ ان اتحاد جو حصو هو. هاڻي صورتحال يڪدم بدلجي وئي آهي ۽ آمريڪا پورو زور لڳائي رهيو آهي ته ڪنهن به طريقي سان خطي ۾ چين جي اثر رسوخ کي روڪجي ۽ چين کي عربي سمنڊ تائين رسائي نه ملي، جنهن سلسلي ۾ اسان جي اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءِ وڌايو پيو وڃي. موجوده اسٽيبلشمينٽ پاران سي پيڪ جي رڪيل پروجيڪٽن کي دوباره زنده ڪرڻ آمريڪا جي لاءِ نا قابل قبول آهي. آمريڪي فوجي امداد بند ٿيڻ ۽ افغانستان مان شڪست کان پوءِ آمريڪا جو اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ تي اڳ جهڙو اثر نه رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ تي دباءُ وجهڻ لاءِ آمريڪا کي جيڪو انساني حقن جي پائمالي جو “هٿيار” مليو آهي، تنهن کي هو خوب استعمال ڪندو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪي دٻاءَ ۾ اچي ٿي يا نه ۽ جيڪڏهن اها ان دٻاءَ ۾ نه ٿي اچي ته انساني حقن جو معاملو اڃان به وڌيڪ تيز ٿيندو. ان ڳالهہ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي پاڪستان جي ڪجهہ سياسي ۽ رياستي ماڻهن تي پابنديون لڳائڻ، ويزا ۾ سختيون ڪن يا وري ملڪ ۾ ڪا پنهنجي نئين پراڪسي شروع ڪن.

[email protected]