لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين ايف آءِ اي ڪاررواين بعد سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، پارٽي اڳواڻن کي آجياڻو، 8 پي ٽي آءِ ايم اين اي ۽ 27 پنجاب اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، ترين خلاف ڪارروايون زيادتي قرار ڏيندي حمايت جو اعلان ڪيو. ذريعن موجب لاهور ۾جهانگير ترين پنهنجي گهر ۾ پارٽي جي هم خيال اڳواڻن کي آجياڻو ڏنو. ذريعن موجب آجياڻي ۾ 8 قومي اسيمبلي ميمبرن، 2 صوبائي وزيرن ۽ 4 صوبائي صلاحڪارن سميت 21 پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن آجياڻي ۾ شريڪ ڪئي، ذريعن موجب جهانگير ترين جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ راجا رياض، سميع گيلاني، رياض مزاري، خواجا شيراز، مبين عالم انور، جاويد وڙائچ، غلام بي بي ڀروانه ۽ غلام لالي شامل آهن، ذريعن موجب صوبائي وزير ملڪ نعمان لنگڙيال ۽ صوبائي وزير اجمل چيمه به آجياڻي ۾ آيا، جڏهن ته آجياڻي ۾ صوبائي صلاحڪار عبدلحئي دستي، امير محمد خان، رفاقت گيلاني ۽ فيصل جبوانه به شريڪ ٿيا، ذريعن موجب اسلم ڀروانه، نذير چوهاڻ، آصف مجيد، بلال وڙائچ، عمر آفتاب، طاهر رنڌاوا، زوار وڙائچ، نذير بلوچ، امين چوڌري، سجاد وڙائچ، سمن نعيم، افتخار گوندل ۽ عون چوڌري به آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب آجياڻي ۾ شريڪ تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايف آءِ اي ڪاررواين تي جهانگير ترين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جهانگير ترين سان زيادتي ٿي رهي آهي، اسين ساڻس گڏ آهيون. ذريعن موجب صوبائي وزير اجمل وزير وڌيڪ 10 ميمبرن سان جهانگير ترين کي رابطن جي خاطري ڪرائيندي چيو ته وڌيڪ 10 ميمبر به جلد سامهون ايندا. پي ٽي آءِ اڳواڻن وزيراعظم کي مسلسل غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڏٺو وڃي ته وزيراعظم کي دوست کان ڪير پري رهيو آهي، غير چونڊيل ماڻهن جي ڪري معاملا خراب ٿي رهيا آهن، پارٽي ڪمزور ٿي رهي آهي. ذريعن موجب هنن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ فارورڊ بلاڪ يا پريشر گروپ نه ٺاهي رهيا آهيون، پارٽي اندر رهندي انصاف لاءِ جدوجهد ڪنداسين، وزيراعظم جي آس پاس ويٺل ماڻهو پارٽي کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، سازش تحت پارٽي کي گروپ بندي جو شڪار ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب راجا رياض تجويز ڏيندي چيو ته پارٽي جي 2، 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا وزيراعظم سان ملاقات ڪري. جنهن بعد وزيراعظم سان ملاقات لاءِ درخواست تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ان موقعي تي جهانگير ترين چيو ته آئون پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس، دامن صاف آهي.