تحريڪ انصاف پاران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون نئين سر ڪرائڻ جو مطالبو

0
300

ڪراچي: تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پهرين مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ مينڊيٽ چوري ڪيو ويو

هن چيو ته  پي ٽي آءِ اڳواڻ امجد آفريدي ڌانڌلين جي وڊيو ٺاهي ته کيس ڀائرن سميت گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ڪراچي ۾ خوفناڪ راند کيڏي پئي وڃي،

اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، اسان کي ڌانڌلين وارا هي نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن

ٻئي پاسي جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران آر اوز تي ڌانڌليون ڪرائڻ جا الزام هنيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن کان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مڪاني چونڊن ۾ مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ من پسند آر اوز مقرر ڪيا ويا، اسان کي ٻيڻ تي ووٽ مليا، اهڙي صورتحال ۾ پ پ کي اڪثريت ڪيئن ٿي ملي سگهي

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪمن باوجود به پرزائيڊنگ آفيسر ۽ آر اوز مرضي سان فارم 11 جاري ڪري رهيا هئا، اسان جو مطالبو آهي ته جن سيٽن جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي آهي، اتان جي ووٽنگ جا بيگ گهرايا وڃن، اليڪشن ڪميشن جي سامهون ري ڪائونٽنگ ڪرائي وڃي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ نتيجا دير سان اچڻ سبب شڪ پيدا ٿيا آهن: سراج الحق