لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ٽيم جو گم ٿيل اڳواڻ اظهر مشواڻي پنهنجي گهر پهچي ويو آهي. عمران خان جي سوشل ميڊيا بابت ترجمان اظهر هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته الحمدلله آئون صحيح سلامت گهر واپس آيو آهيان. انهن 8 ڏينهن ۾ اوهان جي دعائن، ڪوششن ۽ ساٿ هميشه لاءِ قرضي بڻائي ڇڏيو آهي، دعا ڪريان ٿو ته اسان جا ٻيا قيدي ڪارڪن به جلد واپس اچي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ افطار ڪن. اظهر مشواڻي جي گمشدگي کانپوءِ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ سندس ڀاءُ مظهر الحسن موقف اختيار ڪيو هو ته خميس ڏينهن ساڍي 3 وڳي اظهر قاضي پنهنجي ٽائون شپ زمان پارڪ لاءِ ٽيڪسي سروس ’ڪريم‘ تي روانو ٿيو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ سندس نمبر بند ٿي ويو. هن چيو ته ڪوششن باوجود اظهر قاضي جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، فريادي کي شڪ آهي ته اظهر قاضي کي نامعلوم ماڻهن جاني نقصان جي خاطر اغوا ڪيو آهي.