ملتان (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف حقيقي به ٺهي وئي آهي 9مئي واقعن تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پي ٽي آءِ حقيقي جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ حقيقي جي چيئرمين رائو ياسر ۽ ٻين اڳواڻ ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. رائو ياسر 4 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ مان استعيفا ڏني هئي ۽ هن پي ٽي آءِ حقيقي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. رائو ياسر چيو ته 9مئي واقعي جي مذمت ڪريان ٿو جيڪي به ان ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي ڀڙڪائي حساس عمارتن تي حملا ڪرايا ويا آئون بيگناهه گرفتار ٿيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪندس. رائو ياسر پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جو اڳواڻ به رهي چڪو آهي.