تحريڪ انصاف جون وڌيڪ 3 وڪيٽون ڪري پيون، ايم اين اي روئي ڏنو

0
330

ڪراچي: تحريڪ انصاف جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پي ٽي آءِ جو اقليتي اڳواڻ جَي پرڪاش پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي روئي ويٺو

جَي پرڪاش ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، جَي پرڪاش فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته واقعن ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪيو وڃي

 جَي پرڪاش پي ٽي آءِ پاران اقليتن جي مخصوص سيٽ تي ايم اين اي بڻيو هو

 ڪوئيٽا مان پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير مبين خلجي پاران به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

مبين خلجي چيو ته ملڪي سلامتي خاطر پارٽي ڇڏي رهيو آهيان، مون تي ڪو به دٻاءُ نه آهي

  خيبر پختونخواهه مان پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وزير اقبال وزير پاران به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اقبال وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن بعد پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيان ٿو، ملڪي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ پارٽيءَ سان وڌيڪ گڏ رهي نه ٿو سگهان

 ڪراچي مان محمود مولوي، پنجاب مان ملڪ امين اسلم ۽ سينيئر اڳواڻ عامر ڪياني اڳ ئي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار

عمران خان جي گهر جي جهڙتي، گرفتاريون ٿيون آهن؟

تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي!، استعيفائون منظور ڪرڻ وارا نوٽيفڪيشن رد

ظل شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو: عمران خان

سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل ڪراچي مان گرفتار