تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪريون پيا: خواجا آصف

0
436

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عسڪري ادارن تي حملو عمران خان جو آخري حُربو هو، تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪريون پيا

اسلام آباد ۾ ميڊِيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 9 مئي وارا واقعا اوچتو نه پر پلاننگ سان ڪيا ويا، جيڪو پاڪستان سان ڀارت نه ڪري سگهيو، اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو

خواجا آصف جو چوڻ هو ته عسڪري ادارن تي حملن جي سڀ کان وڌيڪ خوشي ڀارت کي ٿي آهي، عسڪري ادارن تي حملن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، عمران خان ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي

هي به پڙهندا

نيب عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو