اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جلسي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. تحريڪ انصاف طرفان درخواست اسلام آباد جي پارٽي صدر علي نواز اعواڻ داخل ڪئي جنهن ۾ گهرو وزارت، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حقيقي آزادي لانگ منعقد ڪرڻ لاءِ درخواستگذار ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد سان رابطو ڪيو. 26 آڪٽوبر تي خط لکيو ويو پر اڃا تائين اين او سي ناهي ملي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب تحريڪ انصاف سري نگر هاءِ وي تي جلسو ڪري سگهي ٿي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ڪشمير هاءِ وي پشاور موڙ تي جلسو ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪئي وڃي. عدالت اهڙا حڪم جاري ڪري، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم به ڏنو وڃي، آءِ جي اسلام آباد کي خصوصي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن.