اسپين(انٽرسٽنگ نيوز) انساني دماغ ۽ روين تي اڪيلائي ۽ اونداهه جي اثرن تي تجربن لاءِ غار ۾ اڪيلي 5 سئو ڏينهن گذاريندڙ عورت عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو 20 نومبر 2021ع تي غار ۾ داخل ٿيڻ وقت اسپين جي جبل چاڙهو عورت بيٽرز فلاميني جي عمر 48 سال هئي جڏهن ته غار مان نڪرڻ وقت هن جي عمر 50 سال ٿي وئي هئي ۽ هن پنهنجا 2 جنم ڏينهن انتهائي گهري ۽ اونداهي غار ۾ اڪيلي گذاريا هئا. بيٽرز فلاميني جي سپورٽ ٽيم جو چوڻ هو ته فلاميني اڪيلي غار ۾ 5 سئو ڏينهن گذاري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ان پوري عرصي دوران انتهائي ٿوري وقت لاءِ هوءَ غار کان ٻاهر آئي هئي پر ان دوران به هن کي هڪ الڳ خيمي ۾ رکيو ويو هو.ٽيم جو چوڻ هو ته فلاميني کي انساني دماغ ۽ سرڪيڊين رڌم بابت تجربن لاءِ عار ۾ رکيو ويو هو ۽ ماهرن غار ۾ رهڻ دوران هن جي جسم ۽ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو ڪيو.