سکر (بيورو رپورٽ) صنعت، واپار ۽ ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجي چيو آهي ته تبديلي سرڪار پاڪستاني تاريخ جي ناڪام ۽ بدترين حڪومت آهي. پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا عوام جي خوف کان پنهنجي تڪن ۾ نٿا وڃي سگهن. اهڙي خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ پنوعاقل جي يوسي سنگرار، ڏنڊي، اخلاق شاهه جي مختلف ڳوٺن جي دوري دوران ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اميد علي شاهه، واجد علي شاهه، تصور شاهه سميت پ پ عهديدار ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.