تبديلي ايزي پيسا جو نالو ناهي!

0
223
پاڪستان، سياست جو تجربيگاهه

                 وزيراعظم عمران خان چوي ٿو ته بٽڻ دٻائي نئون پاڪستان نٿو ٺهي سگھي. اهو جدوجهد جو نالو آهي. سسٽم بدلائڻ ۾ وقت لڳندو. “پاڪستان ۾ مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. هاڻي به رستي ۾ ڪجھه رنڊڪون آهن، پر ٻه سال اڳ جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهن” ڪورونا دوران آءِ ايم ايف سربراهه کي فون ڪري ڪنسٽرڪشن سيڪٽر لاءِ رعايت ورتي. “اڏاوتي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي” ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. پاڪستان ۾ ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين ۽ چون ٿا ته اهو به خراب آهي ۽ هو به خراب آهي. هي به برو آهي هو به برو آهي. اهو ائين آهي جو “جنت ۾ وڃڻ چاهين ٿا پر نيڪ عمل ناهن آندا”. جيستائين عوام ٽيڪس نه ڏيندو ملڪ جو ناڻو ڪيئن وڌندو ۽ ماڻهن کي ڪيئن سهوليتون ملنديون. ڪو به ملڪ غريبن جي سمنڊ سان ترقي نٿو ڪري سگھي. هو جمعي جي ڏينهن پاڪستان پراپرٽي هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021 جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.

پاڪستانين جي وڏي اڪثريت جنت ۾ وڃڻ جي خواهشمند آهي پر انهن جي همٿ آهي جو پاڻ جهڙا به انهن جا اعمال آهن. ان جي باوجود هو جنت چاهين ٿا. اهڙا ئي ملندڙ جلندڙ خيال ملڪ جي معاملن جي باري ۾ آهن. دنيا جي جن جن ملڪن ۾ تبديلي آئي آهي، اتي رتو ڇاڻ ٿي آهي، جهڙي بادشاهه زار جي روس ۾ ٿي هئي. روس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان کي پڙهڻ کانپوءَ لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن. شهنشاهه جي ايران ۾ تبديلي هٿيارن جي بنياد تي آئي آهي. پاسداران انقلاب جنهن وڏي پيماني تي سسيون لاٿيون آهن اهو عبرتناڪ آهي. افغانستان ۾ طالبان چاليهه سالن تائين اسلامي نظريات جي بنياد تي تبديلي لاءِ ڪنهن مصلحت کان مٿانهون ٿي ڪري صبر سان تمام سنجيده جدوجهد ڪئي آهي، ان کانپوءِ انهن جي حڪومت قائم ٿي آهي. طالبان جي آمريڪي حملي کان اڳ حڪومت جي دور ۾ افغانستان ۾ مثالي امن امان قائم ٿيو هو. اها هڪ اهڙي تبديلي هئي جو ماڻهو ان حوالي سان اڄ به ملا عمر مرحوم کي ياد ڪندا آهن.

 ملا عمر چوندو هو ته پوري ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪٿي به چوري ٿي وڃي ته ملا عمر کان واپس ورتي وڃي. ڪيترا ئي پاڪستاني واپاري شاهد آهن ته انهن جا پيسا جيڪڏهن افغاني واپارين ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته طالبان اهي رقمون واپس ڪرايون آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ تبديلي کل ڀوڳ، مرڪڻ، محبت جي بنياد تي ناهي ايندي. تبديلي جي خواهش رکندڙن کي وک وک تي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پاڪستان ۾ 1958 ع ۾ جيڪو فوجي انقلاب  آيو هو، جيڪڏهن ايوب خان انهن ئي مقصدن تي قائم  رهي ها جن جواعلان ڪري ۽ جن جي ڪري فوج اقتدار ۾ آئي هئي، ته پڪ سان پاڪستان جي هر شعبي ۾ تبديلي اچي چڪي هجي ها، پر ايوب خان پنهنجي حڪمراني کي ڊيگھه ڏيڻ لاءِ مصلحتن جي بنياد تي سمجھوتا ڪيا،

ان جو نتيجو پاڪستان جي حق ۾ نه نڪتو. پاڪستان ۾ هاڻي ڪنهن به تبديلي جو يقين نه رکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ مزاحمت ڪندڙن کي ڪا به حڪومت منهن ڏئي نٿي سگھي. عمران خان جي دور ۾ کنڊ جي قيمت جي معاملي تي ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙن کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ڪانهي ته ملڪ جي عوام جو ڪهڙو حشر ٿيندو. عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ روز روز واڌارو ڪيئن روڪي سگھجي ٿو. جن ماڻهن يا عنصرن کي “ ايزي پيسه” ڪمائڻ جي پِٽ پئجي وئي آهي، اهي ڇو پنهنجي خواهشن تان هٿ کڻندا. پاڪستانين کي ڪير سمجھائي ته توهان پنهنجي مستقبل کي نٿا بدلائي سگھو پر پنهنجون عادتون ته مٽائي سگھو ٿا، انهن کي تبديل ڪري وٺو، تبديلي اچي ويندي. تبديلي ۽ سٺي مستقبل جي خواهش رکندڙ پنهنجي پاڻ کي تبديلي لاءِ وقف ڪري ڇڏين ته ڪير نٿو روڪي سگھي.

ٽي ڏينهن اڳ جي ئي ته ڳالهه آهي، جڏهن هڪ آفيس ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ هئي. اسان جي ميزبان جو چوڻ هو ته حڪومت کي بجلي جا معاملا پهرين فرصت ۾ ٺيڪ ڪرڻ گهرجن. خواهش ڏاڍي زبردست آهي، پر موجوده حالتن ۾ اهو سولو ناهي. جيئن ئي ملڪ ۾ پهرين لوڊشيڊنگ جو معاملو ٿيو هو ته ان وقت ئي فيصلو ڪري وٺڻ کپندو هو ته اسان کي ڪرڻو ڇا آهي؟ بجلي جو بحران ته ان ڪري پيدا ٿيو ته حڪومتون سياسي بنيادن تي ڏُوراهن ڳوٺن ۾ بجلي فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪنديون رهيون، وليج اليڪٽريفڪيشن پروگرام تي هر حڪومت عمل ڪندي رهي پر ڪنهن به وڌيڪ بجلي پيدا نه ڪئي، پر جيڪي به معاملا ڪيا اهي ايترا ته مهانگا ڪيا جو ماڻهو وڪامجي ويا. انهن حڪمرانن تي فرق ان ڪري نه پيو جو انهن رشوت جا پيسا ورتا هئا. هاڻي جيڪو ٿئي ٿو سو ٿيندو رهي. صرف بجلي جو معاملو ئي نه آهي.

 ڪنهن به شعبي کي کڻي ڏسو، سياستدانن ۽ فوجي حڪومتن هن ملڪ سان وک وک تي اهڙا مذاق ڪيا آهن جن هن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. سپريم ڪورٽ جي سوئي گيس ملازمن جي ڪيس ۾ فيصلي تي رد عمل کي ئي ڏسي وٺو. سپريم ڪورٽ کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، ڪير اهو نٿو چوي ته سياسي حڪومت سوئي سدرن گيس کي ڪنگلو ڪرڻ جي ذميوار آهي. اسٽيل ملز سان ڇا ڇا نه ٿيو! ريلوي کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو ويو آهي! پاڪستان ۾ تبديلي لاءِ عمران خان هجي يا ڪنهن ٻئي جي حڪومت، اهي کل ڀوڳ ۾ تبديلي نٿا آڻي سگھن. ن ليگ ۽ پ پ مان ته اميد رکڻ ئي پنهنجي اميدن تي پاڻي ڦيرڻ آهي. خود عوام به تبديلي جي خواهش رکن ٿا، پر ان لاءِ اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. عمران خان کي جيڪا انڌي منڊي حڪومت ملي آهي، اها ڪهڙي تبديلي آڻيندي؟ عمران خان جي مجبورين مان سڀ فائدو کڻڻ چاهين ٿا. خانگي محفلن ۾ تبديلي جي خواهش جو ان حد تائين اظهار ڪندا آهن ته “ اسان کي به هڪ خميني گھرجي” ! وزيراعظم جو اهو چوڻ ته نئون پاڪستان جدوجهد، نظام ۽ مائنڊ سيٽ جي تبديلي جو نالو آهي ۽ اهو شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم ڪهڙي خوش فهمي جو شڪار آهي. ڪنهن قسم جي تبديلي جي پهرين سِر به نه رکجي سگھي آهي. ٻوڙن، انڌن ۽ گونگن آڏو روئڻ سان تبديلي ته نه ايندي.