تباهي جو عرب ماڊل

0
124
ڄاڻ جي حق جي طاقت

  هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ،اهو انتشار ۽ تباهي پکيڙڻ جو عرب دنيا وارو ماڊل آهي.هي اهو ئي ماڊل آهي ،جنهن ذريعي عرب ملڪن ۾ “انقلاب ۽ آزادي”جي نالي تي هڪ عوامي طوفان اڀاريو ويو ۽ پوءِ اتي سڀ ڪجهه تهس نهس ڪيو ويو.ماڻهو انهي کي “عرب بهار” جي نالي سان به سڃاڻيندا آهن،جنهن عربن کي نه ختم ٿيندڙ خزان ۾ ڌڪي ڇڏيو.ڊسمبر 2010ع ۾ نام نهاد “انقلاب ۽ آزادي”جو سونامي تيونس مان اٿيو،جنهن ڏسندي ئي ڏسندي عرب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.ماڻهن کي چيو ويو هو ڪرپشن،بي روزگاري ،ناانصافي،رياستي ادارن جي ظلم،آمريت ۽ مغربي تسلط جي خاتمي لاءِ اٿي بيهن ۽ جمهوري حڪومتن جي قيام ۽ پنهنجي آزادي لاءِ رستن تي اچن. دنيا ڏٺو ته تيونس جي حڪمران زين العابدين بن علي پنهنجي جان بچائي ملڪ مان فرار ٿي ويو .عراق جي صدر صدام حسين کي ڦاسي ڏيڻ وارو دل کي ڌوڏيندڙ  منظر ٽي وي اسڪرين تي ڏسي ماڻهن کان رڙيون نڪري ويون.لبيا جي صدر معمر قذافي جي رت ۾ ٻڏل لاش جي تصويرن سڄي دنيا ۾ خوف پکيڙي ڇڏيو. ماڻهن اهو به ڏٺو ته مصر جي مرد آهن حسني مبارڪ کي فولادي پڃري ۾ بند ڪري عدالت آندو ويو. يمن جي حڪمران علي عبدالله صالح پاڻ اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

جتي حڪمرانن جا تختا اونڌا نه ٿيا اتي يا ته گهرو ويڙهه آهي يا وري حڪمران پاڻ عالمي سامراج آڏو گوڏا کوڙي ويٺا آهن.ايڏي وڏي تباهي تي ڇا مليو؟ اڄ عرب معاشرا رتوڇاڻ،سماجي انتشار،۽ عدم استحڪام جو شڪار آهن.ادارا ختم ٿي چڪا آهن.معيشت تباهه ٿي چڪي آهي. ملڪن جون سرحدون ڪمزور ٿي چڪيون آهن. اخلاقي زوال پنهنجي آخري حدن کي ڇهي رهيو آهي.غربت ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهيل آهي.جمهوريت جو خواب تعبير نه ماڻي سگهيو. عالمي طاقتن جي مداخلت ايتري وڌي چڪي آهي جو  عرب خطو،نئين دور ۾ بيٺڪيت ۾ تبديل ٿي چڪو  آهي. انهي “سونامي” جو سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ نتيجو اهو آهي جنهن جي نشاندهي عرب دنيا ۽ وچ اوڀر جي ماهر اسٽيون اي ڪڪ (Steven A cook)ڪئي هئي. هو چئي ٿو ته عرب دنيا “سڃاڻپ جي بحران” جو شڪار ٿي وئي آهي هاڻي ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته هو ڪير آهن،ڪهڙي طرح جو ملڪ ٺاهي رهڻ چاهين ٿا ۽ اتي ڪهڙو حڪومتي نظام لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا.تباهي ۽ بربادي واري انهي سونامي کي آئي ٻارنهن سال ٿي ويا آهن.

انهي عرصي ۾ سڀئي حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن.سڀ کان وڏي حقيقت اها آهي ته انقلاب،آزادي،جمهوريت ۽ مغرب جي تسلط کان آزادي جو نعرو هڻندڙ جيترا به نوان سياسي ۽مذهبي انتهاپسند اڳواڻ سامهون آيا اهي سڀ جو سڀ مغرب نواز خاص ڪري آمريڪا نواز هئا. مصر جي محمد مرسي کان وٺي شام جي بشارالاسد حڪومت خلاف وڙهندڙ داعش ۽ طالبان اڳواڻن جو ڪردار بي نقاب ٿي چڪو آهي ۽ دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته اهي آمريڪي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. بهار عرب جي سونامي ۾ جيترا اڳواڻ سامهون آيا اهي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به جمهوري يا قومپرستاڻي تحريڪن جو حصو نه رهيا آهن جمهوريت ۽ آزادين لاءِ حقيقي ۽ ڊگهي جدوجهد ڪندڙ قوتن کي پوئتي ڌڪيو ويو.نام نهاد پاپولر ليڊرشپ کي ملڪي ۽ بين الاقوامي قوتن جي پٺڀرائي حاصل هئي.

انهي سونامي کي عرب دنيا ۾ آڻڻ جو مقصد به اڄ واضح ٿي ويو آهي.جزيري جهڙي عرب دنيا جو انتهائي طاقتور سامراج مخالف بلاڪ ٺهي ويو هو. انهي وٽ معاشي طاقت به هئي. اتان جون رياستون فلاحي رياستون ٺهي ويون هيون. ڪيترن ملڪن ۾ تعليم ۽ صحت سان گڏ ماڻهن کي بجلي به مفت ملي رهي هئي، اتي حيرت انگيز طور ترقي ٿي رهي هئي ۽ جديد معيشت لاءِ انفرااسٽرڪچر تعمير ٿي رهيو هو. انهي جو ويزن جمال عبدالناصر،حواري بودمين،حبيب بورجيبا،حافظ الاسد،صدام حسين،شاهه فيصل،۽ ٻين ڪيترن ئي سامراج مخالف عرب دنيا جي ليڊرن ڏنو هو. اها قيادت“پان عرب ازم،پان اسلام ازم”۽ هر ملڪ جي پنهنجي قومپرست تحريڪ جي پيداوار هئي. اهي ٽئي تحريڪون پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ نه هيون.پان اسلام ازم جي تحريڪ به ڪا مذهبي تحريڪ نه پر قومپرستاڻي تحريڪ هئي. ڇو ته اسلام عربن جو مذهب هجڻ سان گڏوگڏ انهن جي ثقافت ۽ شناخت به هو. هنن جو مذهب غير ڌرتي جو نه هو.

مٿي ڄاڻايل عرب قومپرست اڳواڻن جي انهي دور ۾ ئي ذوالفقار ڀٽو به انهن کي پاڻ سان ملائي پاڪستان کي سامراج مخالف سياست ڏانهن وٺي وڃي چڪو هو ۽ انهن اڳواڻن سان گڏجي علاقائي اتحادن ۽ بلاڪن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون. “بهار عرب”جي سونامي ۾ جيڪي عرب اڳواڻ باقي بچيا هئا انهن سان ڀٽي وارو انجام ڪيو ويو. اهي عرب قومپرست اڳواڻ جيڪڏهن عالمي سامراجيت خلاف پنهنجي آمريت جي طاقت سان وڙهڻ بدران مرحليوار جمهوريت جو رستو اختيار ڪن ها ته شايد حالتون اهي نه هجن ها ۽ اتي ڪجهه نه ڪجهه مزاحمت هجي ها. پاڪستان ۾ اڄ ڀٽي جي جمهوريت سان ملندڙ مزاحمت کي مڪمل ناڪام ڪرڻ لاءِ انهي عرب ماڊل تي ڪم ٿي رهيو آهي.ڏسڻو اهو آهي ته جمهوري قوتون ڪيستائين مزاحمت ڪري سگهن ٿيون.

پاڪستان جون حالتون انهي هنڌ تي پهتيون آهن جو معيشت جي ڏيوالي نڪرڻ جون ڳالهيون  ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان مسلم ليگ (ن)،پيپلز پارٽي ،۽ ٻين جماعتن جي گڏيل حڪومت بيوسي جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڀني ادارن ۽ سياسي قوتن کي سهڪار جي اپيل ڪري رهي آهي،پر ادارا پنهنجي پراڻي عادت اختيار ڪيون ويٺا آهن ۽ “آزادي۽ انقلاب”جي نالي تي عمران خان جي “سونامي” کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. اهو ڪو اتفاق ناهي ته عمران خان اهو سياسي اڳواڻ آهي جيڪو  بهار عرب جي اڳواڻن وانگر ڪڏهن به پاڪستان جي ڪنهن به سياسي يا جمهوري تحريڪ جو حصو نه رهيو آهي بلڪه هو قومي سياسي ڌارا جو انهي وانگر مخالف رهيو.جنهن تباهي طرف پاڪستان کي نيو پيو وڃي اها عرب دنيا کان به وڏي تباهي آهي. هزارين سالن جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ انهي شناخت تي فخر ڪرڻ وارا  عرب جيڪڏهن سڃاڻپ جي بحران جو شڪار ٿي سگهن ٿا ته اسان جو بحران ته انهن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي ڇو ته بحيثيت قوم اسان جو اصل بحران ئي سڃاڻپ جو بحران آهي.

اسان جي اسٽيبلشمينٽ جو پنهنجي سڃاڻپ جو بحران ئي ايترو اونهو آهي جو هو انتهاپسندن يا سياسي ڪٺ پتلين جي ذريعي رياست کي هلائڻ گهري ٿي. جيڪڏهن هو سمجهي ٿي ته انهن حالتن ۾ به هو پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿي،ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ڏياري ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪري سگهي ٿي يا سياسي قوتن کي ڪمزور ۽ انتهاپسند مذهبي قوتن کي مضبوط ڪري پنهنجي ايجنڊا مڪمل ڪري سگهي ٿي ته اها انهن جي ڀل آهي. ڇو ته عرب ماڊل جي آخري آزمائش ايٽمي طاقت پاڪستان آهي ۽ اها ئي مغرب خاص ڪري آمريڪا جي ايجنڊا آهي.عرب ملڪن جي اسٽيبلشمينٽ ٿوري عرصي ۾ سمجهي وئي  ڇو ته هو سڃاڻپ جي مصنوعي بحران ۾ هئي .عرب انهي بحران مان نڪري ايندا ڇو ته انهن جي سڃاڻپ جو بحران عارضي آهي اسان ته مستقل انهي بحران جو شڪار آهيون.