ڪوٽڙي (رپورٽر) جهانگارا ۾ چار سال اڳ بيدردي سان قتل ڪيل ناري تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن جي ڄامشورو جي عدالت مان 5-5 لک روپين عيوض ضمانت منظور، ڄامشورو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اورنگزيب عالمگير قاضي پاران جهانگارا ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدار مولابخش عرف مولو نوحاڻي ۽ علي عرف عالي نوحاڻي جي 5-5 لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته سيوهڻ ڀرسان 8 سيپٽمبر 2017 تي ٽن جوابدارن پاران گهر ۾ گهڙي ناري تانيا خاصخيلي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن کانپوءۡ سيوهڻ پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو چئن سالن کانپوءۡ ٻن جوابدارن جي وڪيل ظهور بلوچ پاران ضمانت لاءۡ فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڄامشورو جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي جنهن کانپوءۡ عدالت ٻن جوابدارن جي پنج پنج لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.