ڪراچي: حب ڊيم ۾ تازين برساتن سبب گنجائش کان وڌيڪ پاڻي اچڻ سبب ڊيم جي حالت خراب، مرمت نه ٿيڻ سبب ايندڙ سانوڻي ۾ ڊيم جي صورتحال ويتر ڀيانڪ ٿيڻ جو به خدشو  ظاهر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان واپڊا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته حب ڊيم جي پاڻي سطح 339 فوٽ هجڻ گھرجي پر هاڻوڪين برساتن ڪري پاڻي جي سطح 443.05 فوٽ رهي، جنهن ڪري حب ڊيم انتهائي متاثر ٿيو آهي، انهي ايندڙ سانوڻي کان اڳ ڊيم جي مرمت ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن وقت تي مرمت نه ٿي ته ايندڙ سانوڻي وارين برساتن ۾ ڊيم جي حالت ويتر خراب ٿيڻ ۽ نقصان جو خدشو آهي.