نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت واسي ڌيءُ سان وقت گذارڻ لاءِ سٺي پگهار واري نوڪري ڇڏي ڏني. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب انڪت جوشي نالي شخص ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه تان پردو کنيو ته ڌيءُ جي پيدائش کانپوءِ هن سان گڏ قيمتي وقت گذارڻ لاءِ مان نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.هن ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ مان هڪ ڪمپني ۾ سينيئر نائب صدر جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي، ان دوران ڌيءُ جي پيدائش ٿي ته مان هڪ هفتي جي موڪل ورتي پر مونکي احساس ٿيو ته پنهنجي اولاد سان گڏ وقت گذارڻ لاءِ اها موڪل تمام گهٽ آهي ۽ آفيس وارا منهنجي وڌيڪ موڪل نه وڌائيندا ان لاءِ مان نوڪري ئي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڪافي ماڻهو ان فيصلي تي مستقبل جي حوالي سان مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پر نوڪري اهڙي هئي جو مونکي ٻين شهرن جو دورو ڪرڻو پوندو هو ۽ مان نه پيو چاهيان ته مان اهو وقت پنهنجي ڌيءُ سان گذارڻ بدران سفر ۾ گذاريان.