لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن  جي سهڪار سان ٻارن ۾ موت جي شرح کي روڪڻ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊبليو ايچ او جي ڪنٽري هيڊ ڊاڪٽر پليتا مهيپالا، ڊبليو ايچ او سنڌ جي پراونشل هيڊ ڊاڪٽر سارہ، ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رستم ڀٽو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ضمير سومرو، اطھر شاهه، ڊاڪٽر سرور علي شاهه سميت عورتن ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماهر پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ورڪشاپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تازو ڄاول ٻارڙن جي موت واري شرح ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي آهي ڇاڪاڻ اسان جي ملڪ ۾ تازول ڄاول هڪ هزار ٻارڙن مان 42 ٻارڙا گهٽ وزن ۽ انڪيوبيٽر نه هجڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃن ٿا،  ان لاءِ ضروري آهي ته ڳورهاري عورت جي صحت جو خاص خيال رکيو وڃي.