لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان عطاءُ تارڙ چيو آهي ته عمران نيازي جي  ذهني حالت جي معائني لاءِ دنيا جي ماهر نفسياتي ماهرن تي ٻڌل بورڊ جوڙيو وڃي، تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو ته خاتون اول دوست ذريعي هيرا گڏ ڪيا هجن، هن جي ڪوشش هئي ته هيرا دبئي ۾ بليڪ تي وڪرو ڪيا وڃن. هن چيو ته عمران خان ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ذريعي فرح گوگي جي مڙس احسن جميل گجر کي 32 ڪروڙ جي رعايت ڏني، عمران نيازي ۽ بوزدار جيڪي ٺيڪا، مقرريون ۽ بدليون ڪيون، ان جي بدلي ۾ هيرا ۽ اربين رپيا گڏ ڪئا، هنن جي ساڍن ٽن سالن جي ڦرلٽ جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ترڪ ڪمپني جا ٺيڪا رد ڪيا، جنهن سان پاڪ، ترڪ دوستي کي نقصان پهتو، پنجاب جي بجيٽ سومر تي پيش ٿيندي، بجيٽ ڪير پيش ڪندو؟ اهو فيصلو جلد ٿي ويندو.