ٽنڊوباگو: تاريخ جي ستم ظريفي جي نتيجي ۾ غلط روايتن مير باگو کي واگهو فقير بڻائي ڇڏيو. پنهنجي پياري زال سنڌ راڻي جي وصيت موجب کيس سندس مرشد شاھ ديوانو جي قبرستان ۾ دفن ڪري سنگمرمر سان ۽ پٿر جي چٽسالي سان سندس قبر جوڙائيندڙ مير باگو خان کي سن 1804 ڌاري نئون ڪوٽ ڀرسان ٽالپرن جي شڪارگاه مهراڻو ۾ شڪار ڪندي ڪاري نانگ ڪکي وڌو. سندس دوست شادي خان خاصخيلي کيس عمر ڪوٽ علاج لاءِ کڻي وڃي رهيو هو ته عمر ڪوٽ پهچڻ کان اڳ مير باگو خان جي جسم ۾ زهر ڦھلجڻ سبب هو وفات ڪري ويو. جنھن بعد کيس عمر ڪوٽ جي راڻن امانت طور اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو. وقت جي ويرن مير باگو خان کي باگي فقير مان واگهو فقير بنائي ڇڏيو، جيڪو هن وقت سيد حيدر شاھ عرف واگهو فقير جي نالي سان مشهور آهي ۽ مٿس عمر ڪوٽ ۾ مقبرو اڏيل آهي، جتي عمر ڪوٽ جا ماڻهو باسون باسڻ وڃن ٿا.