تاريخ جا پردا کلن ٿا … سنڌ جي اهم شهر وارھ جي تاريخ، ماضي ۽ حال تي هڪ نظر: شهر جي قديم ۽ تاريخي عمارتن جي سار سنڀال ڪير لهندو؟

0
179
تاريخ جا پردا کلن ٿا ... سنڌ جي اهم شهر وارھ جي تاريخ، ماضي ۽ حال تي هڪ نظر: شهر جي قديم ۽ تاريخي عمارتن جي سار سنڀال ڪير لهندو؟

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 جيئن لاڙڪاڻو شهر ڪلهوڙن جي ابتدائي دؤر ۾ وجود ۾ آيو، تيئن وري وارھ شهر بہ سندن زماني ۾ اسريو، وڌيو ۽ ويجهيو. پر جيڪا حيثيت لاڙڪاڻي جي نصيب ۾ آئي، تهڙي شهرت وارھ جي نصيب ۾ ڪڏهن بہ نہ آئي. لاڙڪاڻي بابت چڱو خاصو مواد موجود ۽ ميسر آهي. ليڪن وارھ جي متعلق تاريخي ڪتاب خاموش آهن. مختلف تاريخي ڪتابن جي حوالي سان تحقيق جي تَرَ ڏانهن وک کڻجي ٿي تہ وارھ بابت ڪو ٺوس بيان يا ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ نہ ٿو ملي. باقي ايترو چئي سگھجي ٿو تہ وارھ ڪافي آڳاٽو آهي.

                         وارھ شهر قديم ۽ تاريخي حيثيت جو حامل آهي. ايم ايڇ پنهور جي تحقيق مطابق تہ وارھ شهر ڪلهوڙن جي 1701ع کان 1758ع واري زماني ۾ اسريو ۽ قائم ٿيو. ان حساب سان وارھ جي اٽڪل عمر سال 280سالن کان وڌيڪ ٿيندي. مختلف ڪتابن ۾ آهي تہ وارھ جو علائقو چانڊڪا پرڳڻي ۾ شامل هو. جڏهن وارھ اڃا وجود ۾ ئي نہ آيو هو. لاڙڪاڻو ڪلهوڙن جي شروعاتي زماني ۾ آباد ٿيو ۽ وڏو اوج حاصل ڪيائين، جو انگريزن بہ لاڙڪاڻي جا گيت ڳايا آهن. ليڪن وارھ کي اڄ تائين لاڙڪاڻي جي چوٿين پتيءَ جيتري بہ ترقي نصيب ڪانہ ٿي. ان جا بہ ڪي سبب هوندا! ٿي سگهي ٿو تہ ڪلهوڙن هن شهر ڏانهن جوڳو ڌيان نہ ڏنو هوندو.

ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي حاڪميت شروع ٿي. جيئن ڪلهوڙن پوکي راهيءَ ڏانهن ۽ انتظام ڏانهن چڱو خاصو توجھ ڏنو تيئن وري ميرن بہ پنهنجي حساب سان واھ کوٽايا ۽ نوان شهر ٻڌا. چون ٿا تہ نصير آباد مير نصير خان ٻَڌايو، ان متعلق تاريخي ڪتاب خاموش آهن، جنهن ڪري اها روايت مستند قرار نہ ٿي ڏيئي سگهجي. ايترو چئي سگهجي ٿو تہ هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو ٻَڌايل معلوم ٿئي ٿو. ليڪن اهو بہ تحقيق جو گهرجائو آهي. ميرن جي نالي سان وارھ شهر جي لڳولڳ هڪ ڪوٽ هو، جيڪو”ميرن جو ڪوٽ” جي نالي سان مشهور آهي. مذڪور ڪوٽ جو اڄڪلھ صرف نالو ئي بچيو آهي. ڇو تہ مٿس رهائشي عمارتون ٺاهيون ويون آهن. ۽ هن ڪوٽ جا آثار بہ نہ بچيا آهن. هن ڪوٽ لاءِ ٻي ڪابہ تاريخي ۽ ٺوس روايت ڪانہ ٿي ملي. گمان غالب آهي تہ هيءُ ڪوٽ ڪلهوڙن جو ٺهرايل هجي! جنهن کي بعد ۾” ميرن جو ڪوٽ” جي نالي سان سڏيو ويو ھجي.

انگريزن جي وچ واري عرصي ۾ نصير آباد کي تعلقي جي حيثيت حاصل هئي. ڇو تہ هيءُ شهر انڊس هاءِ وي يعني شاهي رستي جي اولھ ۾ هن وقت بہ ڪرُ کنيو بيٺو آهي. سال 1885ع ۾ نصير آباد جو مختيار ڪار /ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ هو. مرزا صاحب کان اڳ مختيار ڪار ڪير هو؟ ان جي ڄاڻ مهيا ٿي نہ سگهي آهي. مرزا قليچ بيگ مختيار ڪار /ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ تعلقي جا انتظامي دورا ڪيا ۽ شاھ گودڙيي کان ڏاڙهياري جبل تي بہ ويو. هڪ ڪتاب “ڏاڙهياري جبل جو سير” نصير آباد ۾ ويهي لکيائين. پر ڪا خاص تحقيق ڪانہ ڪيائين. جيڪڏهن مرزا صاحب تحقيقي نوعيت ۾ هن علائقي بابت ڇنڊي ڇاڻي لکي ها تہ ڪابہ ڏکيائي درپيش نہ اچي ها. اهڙيءَ طرح هن سائنسي ۽ جديد دور ۾ عام و خاص لاءِ تحقیق جي راھ هموار ٿي پوي ها. ايئن ڪرڻ سان تحقيق جي تر ۾ محققن ۽ مؤرخن کي ڪي پيچيدگيون ۽ مونجهارا سامهون نہ اچن ها.

انگريزن انتظامي جوڙجڪ جي ڪري جڏهن لاڙڪاڻي کي سال 1901ع ۾ ضلعي جو درجو عطا ڪيو تڏهن وري ان سان گڏ ڪيترن ئي شهرن کي تعلقي جي حيثيت سان نوازيائون،جن مان وارھ بہ هڪ آهي. قنبر شهدادڪوٽ تاريخ جي وهڪري ۾ هن طرح لکيل آهي :

“وارھ شهر13- 27 کان33-27 اتر ويڪرائي ڦاڪن۽ 31-67کان  6-68اوڀر ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ آهي. ۽ قنبر شهر کان 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي هيءُ شهر تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. تعلقي وارھ جي پکيڙ 711.75 اسڪوائر ڪلوميٽر (175802 ايڪڙ) آهي. سال 1988ع جي انگن اکرن مطابق هن تعلقي جي آدم شماري 169389هئي. وارھ تعلقي ۾ 7يونين ڪائونسلون، 3سرڪل، 12 تپا ۽ 43ديهون آهن. “(دين محمد ڪلهوڙو)

جڏهن لاڙڪاڻو ضلعو سال 1901ع ۾ ٺهيو تہ سيوهڻ، جوهي ۽ دادو تعلقا ڪراچيءَ مان ۽ ميهڙ ڪڪڙ، وارھ، لاڙڪاڻو، ڏوڪري ۽ قنبر شڪارپور ضلعي مان ورتا ويا. تڏهن لاڙڪاڻي کي ضلعي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. سنڌ گزيٽيئر مطابق ان وقت وارھ جي ڪل آبادي 16 تپن ۽ 69ديهن تي مشتمل هئي. سندس ڪل ايراضي 417 چورس ميل هئي. اهڙيءَ ريت سندس ڪل آبادي 47هزار 129هئي. جنهن کان پوءِ هن جي آبادي وڌي 56هزار 544تي پهتي.

سنڌ جي هڪ ٻي گزيٽيئر ۾ آهي تہ “وارھ تعلقي جو صدر مقام خط استوا جي اتر قطب ۾ 27-27ڊگرين تي ۽ اوڀر قطب ۾  51-62ڊگرين ۾ آهي. هڪ ننڍو شهر ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي

جيڪو پوءِ نصير آباد ۾ موجود هو. منجهس هڪ مختيارڪار جي آفيس، پوليس لائينس، ٽپال گهر، اسڪول ۽ مسافر خانو اٿس. هڪ تمام سهڻي باغ ۾ هڪ ضلعي بنگلو پڻ اٿس. سڀ کان ويجهي ريلوي اسٽيشن باڊھ سورنهن ميلن جي پنڌ تي اٿس. 1911ع واري آدم شماريءَ ۾ سندس آبادي 686هئي.”البت 1961ع  جي Population Census of Pakistan جي سينسز ڪمشنر مسٽر عبدالرشيد” District census Report Larkana” مرتب ڪري ڇپرائي هئي. ان ۾ وارھ بابت هن طرح ذڪر ڪيو اٿس:

“Warah, the head quarter of the taluka,of same name lies in 24.27” north latitude & 67.51east longitude. It is situated on the west of Larkana & on the south west of kanber town at a distance of 19 miles.Warah is not railway Station. Buses are the only means of communications in the twon. Its population in 1951 census was 2,220 & 2,762 persons in 1961 census.For loccal administration there is a union council consisting of one chairman & 10 members. The residents of this twon use drinking water the wells & handpumps. Warah is not yet electrified. There is one Govt. High School, one Primary School & one Girls primary School. The agricultural products are paddy, wheat & vegitables. There are only 3 Rice husking mills.

  1. Rashid (1961)District

 :Census report Larkana, page, 23.

سال 2001ع جي سروي موجب وارھ تعلقي جي آدم شماري 312111 تي وڃي پهتي. اهڙيءَ ريت وارھ شهر جي آدم شماري 18372وڃي بيٺي. وارھ کي سال 1977ع ۾ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. 31ڊسمبر 2004ع ۾ هن سب ڊويزن ۽ تعلقي کي لاڙڪاڻي ضلعي مان ڇني قنبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ نصير آباد جي تعلقي واري پراڻي حيثيت بحال ڪري کيس تعلقو بڻائي قنبر شهدادڪوٽ جو حصو بڻايو ويو.

هيءُ شهر(وارھ) جيڪڏھن تعلقي جو مرڪز نہ بڻجي ها تہ جيڪر اڄ بہ ترقيءَ کان محروم هجي ها. ڄام نظام الدين واري دؤر ۾ سردار سريمڻ خان چانڊيي دولھ دريا خان جي وڏي خاطر تواضع ڪئي ۽ سندس مددگار پڻ بڻيو. دولھ دريا خان کي سپاھ جي رهڻ لاءِ هڪ ڪوٽ ٺهرايائين، جنهن جا آثار ۽ نشان حمل ڳوٺ جي اتر اوڀر طرف ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ جي اولهائين ڪنڌيءَ تي اڄ بہ ڏسي سگهجن ٿا. دولھ دريا خان شاھ بيگ ارغون جي لشڪر کي ڀڄائڻ لاءِ هن ئي رستي (يعني جبل جي ڪڇ) سان ڪامياب ويو هو. شاھ بيگ کي سنڌ مان تڙي، ڊڪائي پوءِ سک جو ساھ کنيائين.

وارھ شهر جون اڳوڻيون عمارتون

جڏهن انگريز سنڌ تي قابض ٿيا تہ هنن وري ٻين تبديلين سان گڏ پنهنجو نمونو اختيار ڪيو ۽ هر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ عمارتن جو بنياد وڌو. جيڪي اڄ بہ سندن يادگار جو شاھڪار نمونو آهن. اهڙيءَ طرح وارھ تعلقي ۾ پڻ هنن جيڪي عمارتون جوڙايون، تن ۾ ڊاڪ بنگلو (جنھن کي ريسٽ هائوس بہ چيو ويندو هو)، مختيارڪار آفيس (1912ع), پوليس ٿاڻو(1914ع)، اسپتال (رورل هيلٿ سينٽر 1914ع) وغيره مشهور آهن. ليڪن انهن مان ڪجھ عمارتن کي هن جديد دور ۾ ڊاهي مسمار ڪيو ويو آهي. سال 1996ع ان وقت جي SDM ايس ڊي ايم ڊاڪ بنگلي جي عمارت کي پٽ ڪرائي، قيمتي سامان پنهنجي استعمال ۾ آندو. ڊاڪ بنگلي سان گڏ ٻيون بہ عملي لاءِ رهائشي عمارتون هيون، جيڪي هن وقت نالي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿيون. اسپتال 1914ع ۾ ٺهي راس ٿي جيڪا 83سالن جي عمر رکندي هئي. هن عمارت کي بہ سال 1997ع ۾ ڊهرايو ويو. هن عمارت ۾ گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو، جيڪو اڄ بہ هلندڙ آهي. هن بلڊنگ جي ڏکڻ ۾ اسپتال نئين سر تعمير ڪري عوامي سهولتون برقرار رکيون ويون. اهڙيءَ ريت هن آڳاٽي عمارت جو صرف نالو وٺي سگهجي ٿو. هيءَ عمارت بهترين ۽ شاندار عمارتن مان هڪ هئي. هن جي مرمت ڪرائي وڃي ھا تہ ڳچ سال چوڙي ها. هن جي ڊاهڻ جو ڪو جواز ئي نہ هو.

ڊاڪ بنگلي جهڙي خوبصورت ۽ هوادار عمارت جو بہ صرف نالو ٿو ڳائجي. هيءَ عمارت بہ سٺي ٺهيل هئي. جيڪڏهن هن عمارت جي سار سنڀال ڪري سندس مرمت ٿئي ها تہ اڃا بہ الائي ڪيترا سال پنهنجو وجود ۽ بيهڪ سانڍي ها. پر اسان جي سرڪار جي لاپرواهي ۽ لاغرضيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ نہ ٿو ڪري سگهجي. وڏو افسوس اهو آهي تہ هتان جي ڪنهن بہ سياسي ۽ سماجي تنظيم ڪو آواز اٿارڻ جي ڪوشش نہ ڪئي ۽ نہ وري ڪا ڪنهن مزاحمت ڪئي. ان کان علاوه ايريگيشن ۽ تعليم کاتن بہ پنهنجو ڪوئي ردعمل نہ ڏيکاريو. هنن عمارتن جون ڀتيون ويڪريون، پڪ سريون ۽ مضبوط هيون، جن کي ڪو لوڏو ئي ڪونہ هو. مذڪوره عمارتن ۾ جيڪو اڏاوت جو سامان مثلاََ گرڊر، ٽيئر، در، دريون، سرون وغيره هيون، سو تہ اڄوڪي دؤر ۾ بلڪل ناياب آهي. هنن جو متبادل تہ آهي ئي ڪونہ! بي رحم ڪامورن ۽ آفيسرن کي ڪير سمجهائي جو آڳاٽيون ۽ پراڻيون تاريخي جايون وڃن ٿا ڊاهيندا ۽ مسمار ڪندا ۽ انهن جا نشان مٽائيندا. ليڪن انهن عمارتن جهڙي اڄ تائين ڪابہ عمارت ٺهرائي ناهن سگھيا ۽ نہ وري ٺهرائي سگهندا.

جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد ڪيو ويو. ان جي ردعمل ۾ شرپسندن پاران مختيار ڪار آفيس کي باھ ڏئي نقصان پهچايو ويو. جنهن ڪري هن تاريخي عمارت جي حُسن ۾ گهٽتائي آئي. هيءَ عمارت انگريزي اکر H ايچ جي صورت ۾ ٺهيل آهي. عمارت جي اولھ واري حصي ۾ سب جيل آهي. باقي عمارت جي ٻن حصن ۾ مختيارڪار آفيس، ايس ڊي ايم ۽ سول جج جون آفيسون آهن. هن عمارت جي وچئين حصي جو منهن ڏکڻ طرف ۽ اوڀاريان ۽ اولاھان حصا هڪ ٻئي جي مدمقابل آهن. مذڪوره عمارت جي اڳئين حصي تي 1912ع جو  سن نصب ٿيل هو. هن وقت اها سر غائب آهي. جڏھن عدليہ ۽ انتظاميا کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو ويو تہ سِول ڪورٽ وارھ شهر کان اوڀر طرف وارھ نصير آباد روڊ جي ڏکڻ ۾ ٺاهي وئي، جنهن ۾ سِول جج پنهنجو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي. ايئن ڪرڻ سان عدليہ ۽ انتظاميا جو ڪم ڌار ڌار هلي رهيو آهي. نہ تہ هونئن ٻنھي جو ڪم هڪ ئي وقت هڪ  عمارت ۾ هلندو ھو. مختيار ڪار آفيس کي اتر طرف کان بہ ورانڊو آهي تہ ڏکڻ پاسي ڏانهن پڻ. عمارت جو هيءُ حصو چئن ڪمرن تي مشتمل آهي.

چون ٿا تہ هن عمارت (مختيارڪار آفيس) لاءِ انگريز سرڪار سرائي محمد عالم کهاوڙ کان زمين خريد ڪري مٿس عمارت اڏي. جنھن جا ڪاغذ پٽ سندس پونئيرن وٽ اڄ بہ محفوظ آهن. مختيار ڪار آفيس شهر کان ٿورو ڏکڻ اولھ ڪنڊ تي آهي. جيڪا هن وقت شهري آباديءَ جي وچ ۾ اچي وئي آهي. هيءَ عمارت زمين جي مٿاڇري کان ٻہ چار فوٽ مٿي ٺاهي وئي هئي، جيڪا ايترو ئي هيٺ ٿي وئي آهي جو برسات جو پاڻي بلڊنگ اڳيان ٻہ اڍائي فوٽن تائين بيهي ٿو. تنهن هوندي بہ مذڪوره عمارت کي ان پاڻيءَ ڪو بہ نقصان وغيره ڪونہ پهچايو آهي. پر شرپسندن ۽ آفيسرن جي لاپرواهيءَ سبب جيترو هاڃو رسيو، ان جو ازالو ڪرڻ ناممڪن آهي.

ان کان علاوه هڪ ٻي عمارت، جانورن جي اسپتال ٽائون ڪاميٽيءَ جي اڳيان هئي. جيڪا پنهنجو وجود برقرار رکي نہ سگهي. ڇو تہ هيءَ عمارت ٻين عمارتن جي ڀيٽ ۾ نهايت زبون ٿي وئي هئي. تازو هن بلڊنگ کي مسمار ڪري مٿس پريس ڪلب جي عمارت سادي نموني سان تعمير ڪئي وئي آهي. هيءَ عمارت بہ انگريز دور جي ٺهيل عمارتن مان هڪ هئي.

سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کي گذارش آهي تہ باقي رهيل تاريخي ۽ قديمي عمارتن جي بچاءَ جو تدارڪ ڪن ۽ سندن وجود برقرار رکڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺن. جنهن ڪري اهڙيون نادر عمارتون منهدم ۽ مسمار ٿيڻ کان بچي سگهنديون. وارھ شهر جي آڳاٽين ۽ تاريخي عمارتن ۾ هن وقت بہ ٻہ چار اهڙيون عمارتون بچيون آهن، جيڪي انگريز دؤر جي ياد تازي ڪن ٿيون. انهن ۾ هڪ پوليس ٿاڻو سال 1914ع جي ٺھيل بلڊنگ آهي. جيڪا مختيارڪار آفيس جي سامھون روڊ جي ڏکڻ طرف ۽ اسپتال جي اولھ پاسي واقع آهي.

(2) پراڻي اسپتال (جنهن جي جاءِ تي پرائمري گرلس اسڪول آهي) جي ميڊيڪل آفيسر جي رهائش هئي. هن وقت گرلس اسڪول جي هيڊمسٽريس جي رهائش ۽ سندس سارسنڀال هيٺ آهي. پر هن جي اڄ تائين مرمت نہ ٿي آهي.

(3)ايريگيشن کاتي جو بنگلو آهي،جنهن ۾ ايس ڊي ايم رهائش پذير آهي. ڪو وقت هو جو منجهس ايس ڊي او ايريگيشن رهندو هو.

 (4)لوڪل بورڊ جي ٺهرايل عمارت : هيءَ عمارت سال 1931ع ۾  7000هزار روپين جي لاڳت سان ٺهي راس ٿي. اهڙو بورڊ ورانڊي جي ڀت تي نصب ٿيل آهي. هن عمارت جو افتتاح خان بهادر سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ ڪيو هو. هيءَ عمارت ٽن ڪمرن تي مشتمل آهي. ان کان علاوه چيمبر جو ننڍو ڪمرو پٺئين پاسي کان اٿس.

وارھ شهر ۾ سال 1885ع ڌاري پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ هن ئي عمارت ۾ اي پي AP ڪلاس شروع ڪيا ويا هئا. بعد ۾ مڊل اسڪول جو بنياد وڌو ويو. تڏهن بہ هن ئي بلڊنگ ۾ پڙهائي ڪئي وئي. ڳچ وقت کان پوءِ مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ باقاعده ميٽرڪ جي تعليم کي عام ڪيو ويو. سال 1987ع ڌاري قاضي اختر علي مذڪور اسڪول کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريو. هيءَ بلڊنگ بعد ۾ اسڪول انتظاميا جي هٿ هيٺ رهي ڇو تہ اسڪول کي اضافي ڪمرا ڏنا ويا. جنهن ڪري کيس هيڊ آفيس ۾ بدلايو ويو. مذڪوره عمارت انگريزي اکر T جي شڪل ۾ آهي. هن وقت هيءَ عمارت ويهڻ جي لائق نہ پر مرمت جي لائق آهي. جيڪڏهن هن جي جلد مرمت نہ ڪئي وئي تہ ٿي سگهي ٿو تہ پنهنجو بوتو ۽ بيهڪ برقرار رکي نہ سگهي.

وارھ شهر جي هنن تاريخي ۽ قديمي عمارتن جي سار سنڀال نہ لڌي وئي تہ ٻين تاريخي جايُن وانگر پنهنجو وجود وڃائي ويهنديون. اڳتي هلي شايد سندن نالو نشان ڪاغذن ۾ نہ رهجي وڃي. تنهن ڪري وس وارن آفيسرن ۽ سنڌ سرڪار کي هن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ۽ باقي رهيل عمارتن جي مرمت ڪرائي کين برقرار رکيو وڃي. پر جي سرڪار سڳوري هنن خوبصورت ۽ شاندار عمارتن کي بچائڻ بجاءِ اڻ برابري ۽ بي ڌيانيءَ وارو رويو رکيو تہ شايد مذڪوره عمارتون پنهنجو وجود وڃائڻ ۾ دير ئي نہ ڪنديون. تنهن ڪري جيترو ٿي سگهي تہ هنن عمارتن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏنو وڃي. هي عمارتون اسان جو قديم ورثو ۽ سرمايو ۽ هڪ قسم جو عجوبو آهن. (واٽس ايپ ميسيج)